طرحي غزل

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2016۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    [​IMG]
    طرحي غزل
    صاحب طرح؛؛ سائين احمد سولنگي
    پاران ___ ادبي دنيا

    طرح __ اوهان جون اکيون ٿي، اوهان کي ڏسون ٿا

    اسان جي اکين ۾ ڪٿي سگهه سائين
    اوهان جون اکيون ٿي، اوهان کي ڏسون ٿا

    جڏهن کان تون دلبر ويو آهين وڇڙي
    حياتي جي رڻ ۾، ئي رلندا رهون ٿا

    نه ٿا ڏيون ڏوراپو نه ئي ڏوھ ڪوئي
    اوهان جي نه قابل، هئاسين مڃون ٿا

    اوهان بعد مرڪڻ ويو آهي وسري
    مگر ڪو ملي ٿو، ته مرڪي ملون ٿا

    جڏهن هيڪلائي ٿي ساڙي اسان کي
    تڏهن زلف خادم، ڪي ساري روئون ٿا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 مئي 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو