رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
نهنجي ياد
_______
سدان تابش رهي آ تانگه تو لئه تات ساري ٿي
حجر ۾ هي رهيو هنئڙو عجب ڪو عشق ڌاري ٿي
فراقن ۾ فقر فاني ڪيو هي جيءُ جانيءَ لئه
نه ٻي ڪا سڌ سياڻپ جي رڳو پيارل پڪاري ٿي
اهو ڪهڙو انس عاتش نه ساڙي ٿو نه ماري ٿو
ڪري برباد ٿي سائين اندر ۾ باه ٻاري ٿي
بره بي چين بيحد آ سڪون ڪو ڪين سڪ۾ ٿي
لڳي جي هي ڪاپاري ڌڪ نه پو جيئڻ جياري ٿي
او ويندڙ نانءُ خدا جي تون منهنجي محبوب جي پاڙي
دلبر کي وڃي چئجانءِ ڳڻتين سڪ هي ڳاري ٿي
رسول بخش دائودپوٽه
_______
سدان تابش رهي آ تانگه تو لئه تات ساري ٿي
حجر ۾ هي رهيو هنئڙو عجب ڪو عشق ڌاري ٿي
فراقن ۾ فقر فاني ڪيو هي جيءُ جانيءَ لئه
نه ٻي ڪا سڌ سياڻپ جي رڳو پيارل پڪاري ٿي
اهو ڪهڙو انس عاتش نه ساڙي ٿو نه ماري ٿو
ڪري برباد ٿي سائين اندر ۾ باه ٻاري ٿي
بره بي چين بيحد آ سڪون ڪو ڪين سڪ۾ ٿي
لڳي جي هي ڪاپاري ڌڪ نه پو جيئڻ جياري ٿي
او ويندڙ نانءُ خدا جي تون منهنجي محبوب جي پاڙي
دلبر کي وڃي چئجانءِ ڳڻتين سڪ هي ڳاري ٿي
رسول بخش دائودپوٽه
