سرڪار ڪالاباغ ڊيم جي زخم کي وري وري ڇو ٿي اکيڙي؟ محمد ادريس راجپوت پنجاب جي وزير اعليٰ جناب شهباز شريف تازو ڪالاباغ ڊيم بابت هي ڳالهيون ڪيون آهن، ”اسان سمجهون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم اڄ به اهم معاشي منصوبو آهي پر جيستائين صوبن ۾ اتفاق راءِ نٿو ٿئي، تيستائين هن رٿا کي هٿ نٿو لائي سگهجي. صرف ڪالاباغ ڊيم تي ڇو، گذريل حڪومت ۾ ڀاشا ڊيم ۽ ٻين منصوبن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ ڀاشا ڊيم تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو ۽ رڳو تقريرون ۽ ڳالهيون ڪيون ويون آهن. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪرائي تي ورتل پاور اسٽيشن ذريعي بجليءَ جي کوٽ جو مسئلو عارضي طور حل ٿي ويندو، پر 5 سالن بعد ٻيهر بجلي جو بحران پيدا ٿيندو. ڪالاباغ ڊيم تي چئني صوبن جو اتفاق راءِ ڪيو وڃي، ڇو ته هي هڪ اهم معاشي منصوبو آهي.“ هوڏانهن وري ڏکڻ پنجاب جي هڪ اڳوڻي ايم پي اي بيگم تهمينه دستي انگريزي اخبار ڊان ۾ ايڊيٽر کي لکيل خط ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بابت هي ڳالهيون ڪيون آهن، ”وقت اچي ويو آهي ته اسان ڪالاباغ ڊيم کي هڪ حقيقت بڻايون، ڇو جو انهيءَ بابت اٿاريل شڪ بي بنياد آهن، سنڌ ۽ سرحد صوبي جا هيٺيان اعتراض آهن: · سنڌ کي گهربل مقدار ۽ معيار جو پاڻي نه ملڻ ڪري هو هڪ رڻ بڻجي ويندو. · ڊيم ڀري نه سگهبو، جو گهربل پاڻي ڪونهي. · انهيءَ مان واهه ڪڍيا ويندا، جيڪو سڄو پاڻي کڻي ويندا. · هي زلزلي واري علائقي ۾ آهي، جنهن ڪري زلزلي اچڻ ڪري ٽٽي ويو ته ملڪ ٻوڙيندو. سال 2006ع جي فيبروري واري مهيني ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي رٽائر ٿيل سيڪريٽرين جي هڪ گڏجاڻي ۾ پنجاب ڊوميسائيل رکندڙ هڪ رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري جيڪو واٽر ۽ پاور ۾ به رهي چڪو هو، تنهن ٻڌايو ته ڀاشا ڊيم چيلاس وٽ ٺهي نه سگهندو، جو اتي اٿل واهه جي بنياد رکڻ لاءِ مضبوط ٽڪري ڪونهي. ٻيا جيڪي اعتراض اٿاريا ويا، سي هي آهن. (1) ڊيم بجلي استعمال ڪندڙ ڪارخانن کان تمام پري آهي، تنهن ڪري رستي ۾ بجلي جو زيان (Line Losses) تمام گهڻو ٿيندو، بجلي کڻي ايندڙ نظام (Transmission System) تي تمام گهڻو خرچ ايندو ۽ انهيءَ کي برقرار رکڻ ۽ سار سنڀال تي به تمام گهڻو خرچ ايندو ۽ ڪيتريون ڏکيائون پيش اينديون. (2) ڊيم تائين پهچڻ لاءِ 323 ڪلوميٽر جابلو روڊن کي ويڪرو ۽ بهتر ڪرڻو پوندو. شاهراهه ريشم جا 110 ڪلوميٽر ڊيم جي ڍنڍ ۾ ٻڏي ويندا، جنهن کي مٿي ڪري ٻيهر ٺاهڻو پوندو ۽ چين کان مدد وٺڻي پوندي. (3) عالمي بينڪ انهيءَ جي ٺاهڻ لاءِ پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جو هن جي ڍنڍ ڪشمير ۾ آهي، جيڪو جهيڙي وارو علائقو آهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ڪري ڀاشا ڊيم (non starter) آهي يعني اهو ٺهي نٿو سگهي ۽ اوهان کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ سوچڻو پوندو. وري ڊپٽي چيئرمين سردار آصف علي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم منصوبو ختم ڪرڻ حڪومتي پاليسي ناهي، سڀ ڊيم ٺاهينداسين، جڏهن صوبا راضي ٿين ته ڪم شروع ڪنداسين. ڪي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارا ماڻهو جذبات ۾ چون ٿا ته ”ڪالاباغ ڊيم آوي-ئي-آوي“ پاڻي ۽ بجلي جي ڪنهن منصوبي ٺاهڻ کان اڳ هيٺين سوالن تي غور کپي: · ڇا ايڏي وڏي ڊيم جي گهرج آهي؟ · ڇا ڊيم لاءِ واڌو پاڻي آهي؟ · ماحول ۽ معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا؟ · ڇا اهڙي ڊيم تي ماڻهو جي راضي آهن؟ · جيڪڏهن اهو نه ٺاهجي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ اچو ته مٿين سوالن تي ڪجهه خيالن جي ڏي وٺ ڪيون. ڇا وڏي ڊيم جي گهرج آهي؟ پاڪستان جي آدمشماري تيزي سان وڌي رهي آهي. هينئر اها اٽڪل 16 ڪروڙ آهي. شماريات وارن مطابق اها وڌي سال 2025ع ۾ 22 ڪروڙ ٿي ويندي. وڌندڙ آدمشماري، ماڻهن جي شهرن ڏي لڏپلاڻ ۽ صنعتي ڪارخانن جي واڌ سبب پاڻي ۽ بجلي جي گهرج وڌي رهي آهي. هينئر اها حالت آهي ته ڪڏهن اٽو نٿو ملي، ڪڏهن اگهه چوٽ چڙهي وڃن ٿا. گذريل سال کان بجلي جو بحران هلي رهيو آهي، جنهن ڪري شهرن ۽ ٻهراڙي وارن ماڻهن جي زندگي ڏکي ٿي پئي آهي ۽ وڏا ڊيم ٺاهڻ سان کاڌ خوراڪ ۽ بجلي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي سياري ۽ آڳاٽي پوکي ۾ وڌيڪ پاڻي مليو، جنهن ڪري تمام گهڻا فصل ٿيا ۽ بجلي پيدا ٿيڻ ڪري ڪافي صنعتي ترقي ٿي. وقت گذرڻ سان ڊيم لٽجن پيا، جنهن ڪري انهن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش گهٽجي پئي، انهيءَ ڪري کاڌ خوراڪ ۽ بجلي پيداوار تي به اثر پئجي رهيو آهي ۽ اڳتي به پڻ پوندو. مٿين ڳالهين ڪري وڏو ڊيم ٺاهڻ جي گهرج ته آهي. ڇا واڌو پاڻي آهي؟ ڊيم هوا سان نٿا ڀرجن، انهن کي ڀرڻ لاءِ پاڻي کپي. اهو پاڻي موجود گهرجن کان وڌيڪ هجڻ کپي، يعني ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي کپي. ائين سمجهو ته ٻهراڙي ۾ هڪڙي ماڻهو وٽ ان رکڻ لاءِ ٻه گنديون آهن ٽئين گندي تڏهن وٺندو، جڏهن ان کي ڀرڻ لاءِ وڌيڪ ان هوندو. معنيٰ اسان کي ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي جو ڪاٿو لڳائڻو پوندو. پهرين اهو معلوم ڪبو ته گهڻو پاڻي اچي ٿو، گهڻو آبپاشي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، گهڻو تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ ڀرجي ٿو. گهڻو رستي تي زيان ٿئي ٿو ۽ گهڻو ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ٿو؟ ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي کي اسان في الحال بچت چئي سگهون ٿا، پر اها نج بچت ناهي، جو انهيءَ ۾ اسان کي موجوده گهرجن ۽ ايندڙ انجامن جو پاڻي ڪاٽڻو پوندو. موجوده گهرجون ٽي آهن. هڪ منگلا ڊيم ۾ 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ ڀرڻ، ٻيو ٺاهه ۾ ڏنل پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ ٽيون نئين اسڪيمن لاءِ پاڻيءَ جي گهرج. مٿين ٽن گهرجن جو پاڻي گهٽائبو ته اها نج بچت ٿيندي، جيڪڏهن پوءِ به پاڻي بچي ٿو ته اهو ڊيم۾ ذخيرو ڪري سگهبو. مٿين طريقي سان واڌو پاڻي ڪڍڻ کي مٿين ڀر وارو طريقو چئبو آهي. انهيءَ طريقي ۾ ٻن شين جي صحيح تصديق نٿي ٿي سگهي. هڪڙي اها ته زيان هٿرادو وٺڻو ٿو پي ۽ ٻي اها ته رم اسٽيشنن کان هيٺ به پاڻي اچي ٿو، جيڪو هن ڪاٿي ۾ نٿو اچي. آبپاشي ماهرن مطابق انهيءَ کان ابتڙ وارو طريقو جنهن کي هيٺين ڀر وارو طريقو چئجي ٿو، بهتر آهي. انهيءَ ۾ مٿي کان آيل پاڻي بدران ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي جي بنياد تي ابتي ڳڻپ ڪجي ٿي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وڃڻ ڪري طريقي ۾ رم اسٽيشن کان هيٺ ايندڙ پاڻي ۽ رستي ۾ زيان جو ڪاٿو لڳائڻ جي گهرج ڪونهي. ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي اڳتي گهٽبو جو اڀرندي درياهن جو هينئر ايندڙ پاڻي نه ايندو. منگلا ڊيم ۾ 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ ڀربو، ٺاهه وارو کٽل پاڻي کڻبو، نوان ٺهندڙ واهه پاڻي کڻندا، هندستان کي الهندي درياهن تي پاڻي کڻڻ جا حق جڏهن استعمال ٿيندا ته پاڻي اڃا کٽندو. ساڳي نموني ۾ افغانستان ڪابل درياهه تان پاڻي کڻندو ته اهو به گهٽبو. LBOD لاءِ 2.2 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿيل اڀياسن مطابق پاڻي کپندو ۽ اهو پڻ مائينس ڪريو. اسان اهڙي هڪڙي مشق اکوڙي ڊيم جي اڀياس جي جاچ بابت ڪئي، جنهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن. هينئر سراسري ساليانو ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي آهي 3.501 ملين ايڪڙ فوٽ. هندستان الهندي درياهه تي کڻندو 2.0 ايم اي ايف. افغانستان ڪابل درياهه تان کڻندو 0.50 ايم اي ايف. اڀرندي درياهن جو پاڻي اڳتي نه ايندو 8.0 ايم اي ايف. ڪوٽڙي کان هيٺ گهربو 8.6 ايم اي ايف. منگلا ڊيم ۾ وڌيڪ گڏ ڪبو 2.9 ايم اي ايف. ٺاهه جو گهٽ کنيل پاڻي هوندو 11.95 ايم اي ايف. نئون واهه يعني گريٽر ٿل ڪڇي ۽ ريڻي کڻندا3.03 ايم اي ايف. انهن سڀني گهرجن جي پوري ٿيڻ کانپوءِ 8.68 پاڻي بچت دوران کٽي ٿو. يعني سراسري بنياد تي ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي، پر ڪن ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو پاڻي اچي ٿو، جنهن کي تمام وڏي گنجائش واري ڊيم ۾ جنهن کي ڪيري اوور ڊيم چئجي ٿو، ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. جيڪو اسڪردو وٽ ٺهي سگهي ٿو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اسڪردو بدران اهو ٻوڏن وارن سالن ۾ واڌو پاڻي ٻه ٽي ڊيم ٺاهي ذخيرو ڪجي ۽ هڪ بدران ٽي ڊيم ٺاهجن، يعني ڀاشا، ڪالاباغ ۽ اکوڙي. سوال ٿو اٿي ته گهٽ پاڻي وارن سالن ۾ انهن کي ڀرڻ کان ڪير روڪيندو ۽ جيڪڏهن ڀريا ويا ته خريف واري مند ۾ سنڌ جو پاڻي گهٽبو ۽ نتيجي ۾ سنڌ رڻ نه ٿيندي ته ڇا ٿيندي، جو اسان جا مکيه فصل خريف ۾ ٿين ٿا. ماحول ۽ معاشري تي خراب اثر: وڏن ڊيمن ٺهڻ ڪري مٿيان علائقا ٻڏن ٿا ۽ هيٺيان سڪن ٿا. مٿين علائقن ۾ ڊيم جي ڍنڍ ٺهڻ ڪري ماڻهن جا گهر، فصل، ثقافتي ورثا پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا ۽ جهنگلي جيوت ۽ پکي پکڻ متاثر ٿين ٿا. هيٺين پاسي درياهه جي اٿل گهٽجڻ ڪري ڪچي جا فصل ۽ دريائي ٻيلا گهٽجن ٿا. ڊيلٽا ۾ مال مويشي ۽ مڇين ۽ گهانگهٽن جي پيداوار گهٽجي ٿي، تمر جا ٻيلا سڪن ٿا، سمنڊ چڙهي اچڻ ڪري آباد زمينون ڳڙڪائي وڃي ٿو. ماڻهن جي روزگار تي اثر پوي ٿو، جهنگلي جيوت ۽ پکي پکڻ متاثر ٿين ٿا. · ماڻهن جي راضي هجڻ وارو سوال: هر هڪ ترقياتي منصوبو ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ ٺاهيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن انهن کي اعتراض آهن ته انهن جو ٻڌڻ ۽ تدارڪ ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهو منصوبو اڪيلو حل ناهي ۽ ماڻهن کي اعتراض آهي ته ٻين متبادلن ڏي ڌياڻ ڏيڻ کپي. جيڪڏهن اهو منصوبو اڪيلو حل آهي ته اثر پوندڙ ماڻهن کي مناسب نموني اجورو ڏنو وڃي. جنهن ۾ رڳو پئسا ڏيڻ جي ڳالهه نه هجي، بلڪه انهن جي ٻيهر آبادڪاري روزگار جا نوان ذريعا ۽ ٻيون سهولتون هجڻ کپن، پر جيڪڏهن واسطيدار ڌريون اهڙي منصوبي ٺاهڻ تي راضي نه هجن ته انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ کپي. ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي سنڌ وارن کي سخت اعتراض آهي. سنڌ حڪومت به انهيءَ تي سخت موقف وٺي بيٺي آهي ۽ اصل نه ٺهڻ ڏيندي. تنهن ڪري رڳو اهو چوڻ سان ته ”ڪالاباغ ڊيم آوي-ئي آوي“ اهو ٺهي نٿو سگهي. پوءِ ڇا ڪجي؟ جيڪڏهن وڏا ڊيم نه ٺهن ته وڌندڙ آبادي جون پاڻي ۽ بجلي جون ضرورتون ڪيئن پوريون ٿين؟ انهيءَ سوال جو مناسب جواب آهي ته متبادل ذريعن ڏي وڃجي. ٿر ۽ چولستان ۾ بارش جو پاڻي گڏ ڪرڻ جا انتظام ڪجن، جنهن کي انگريزي ۾ رين هارويسٽنگ چئجي ٿو. جرمني ۽ هندستان ۾ انهيءَ نموني تمام گهڻو پاڻي گڏ ڪجي ٿو، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ننڍا ڊيم ٺاهي مينهن جو پاڻي جمع ڪري، پوءِ استعمال ڪريو. سنڌ ۾ انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ سمال ڊيم آرگنائيزيشن ٺهيل آهي. انهيءَ کي فعال بڻائجي. آبپاشي وارن علائقن ۾ پاڻي جو زيان روڪيو. واهه پڪا ڪريو، واٽر پڪا ڪريو، زمينون سنوت ۾ آڻيو. پاڻي ورائڻ ۽ فصلن کي ڏيڻ جا نوان طريقا استعمال ڪريو. اهڙا فصل پوکيو، جيڪي پاڻي گهٽ استعمال ڪن. جيستائين بجلي جو تعلق آهي ته ”رن آف رور“ منصوبا ٺاهيو، جن ۾ پاڻي ذخيرو نه ٿئي. ٿر واري ڪوئلي کي ترقي وٺايو. ڪالا باغ ڊيم واري زخم کي هر هر ڇو ٿا اکيڙيو؟ رڳو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ عقلمندي ناهي جو ٻيا رستا به آهن، بڙي لمبي سي زمين، ملين گي لاکهه حسين، ساري دنيا مين صنم تو اکيلا تو نهين، تو نهين اور سهي، اور نهين اور سهي!
جواب: سرڪار ڪالاباغ ڊيم جي زخم کي وري وري ڇو ٿي اکيڙي؟ سائين، جناب ادريس راجپوت جو هي آرٽيڪل اڻ پڙهيلن جون به ، اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي۔۔۔ پر مٿو هڻجي ته ڪنهن سان هڻجي، جو اسيمبلين ۾ خاص ڪري پنجاب جا ته اهي ميمبر آهن جن جون ڊگريون ڪوڙيون آهن ۽ اهي فقط اسٽيبلشمنٽ جا ويهاريل ماڻهو آهن، انهن ئي ماڻهن جو اهو زور هوندو ته ڊيم آوي ئي آوي باقي پي پي پي جي حڪومت ته لولهي ۽ لنگڙي حڪومت آهي، هن وٽ پاور ڪونهن، پاور هجن ها تڏهن به سنڌ جي لاءِڪو خاص ڪم نه ڪن ها