• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / اربع 18 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وزيراعظم نواز شريف 32 منٽ خطاب ڪيو ۽ 33 ڀيرا ڊيسڪ وڄايون ويون (خبر)
** چمچاگيريءَ جوشاندار مظاهرو..........!!

*سمورا وزير پنهنجن کاتن ۾ محنت سان ڪم ڪن پيا: قائم علي شاهه (خبر)
* * سواءِ قائم علي شاهه جي پاڻ جيڪو اگھور ننڊ ۾ ”غرق“ آهي (تبصرو)

* عراق ۾ فٽبال ڪلب تي داعش جو حملو، 14 ڄڻا مارجي ويا (خبر)
* * لڳي ٿو ته اهي به ”دهشتگردن جا ابا“ آهن (تبصرو)

* ايف آءِ اي طرفان ،سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين روپين جي ڪرپشن (خبر)
* * افسوس ته سنڌ ۾ زرداريءَ جي حڪمرانيءَ ۾ هر طرف ڪرپشن جو راڄ آهي (تبصرو)

* گمس جي نالي سان بي واجبي افسوسناڪ آهي: اخبار ۾ خط (خبر)
* * قائم علي شاهه سرڪار کان چڱائيءَ جي اميد ”ٻٻرن کان ٻير گھرڻ“ آهي (تبصرو)

* ڳڙهي خيرو جو ريسٽ هائوس سرڪاري بي ڌيانيءَ ڪارڻ ڀوت بنگلو بڻجي ويو(خبر)
* * سکڻو ريسٽ هائوس ڇو؟ زرداريءَ ته ساري سنڌ کي ڀوت بنگلو بڻائي ڇڏيو آهي (تبصرو)

* سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي: قومپرست اڳواڻ (خبر)
* * پهريان قومپرست پنهنجن پوئلڳن کي تميز ۽ اخلاق سيکارن، پوءِ تحريڪ هلائن (تبصرو)

* پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آهن: رسول بخش پليجو (خبر)
* * ...۽ ماضيءَ ۾، اوهان بلوچ گينگوار جي ليڊر عذير بلوچ جي حضور ۾ حاضري ڀري 60 سنڌي ڪڇين جي خون جو سودو ڪيو هو(تبصرو)
 
Back
Top