• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / خميس 19 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* عالمي بئنڪ طرفان 9 ارب روپيا ملڻ جي باوجود سنڌ زراعت جي ڪارڪردگي زيرو (خبر)
* * جت قائم علي شاهه جھڙا ”چرٻٽ راجا“ هوندا، اتي ائين ئي ٿيندو (تبصرو)

* منشيات، تعليم سان ختم ٿي سگھي ٿي: ٽنڊي محمد خان ۾ سيمينار (خبر)
* * .. ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، قائم علي شاهه جي هٽائڻ سان گھٽجي سگھي ٿي (تبصرو)

* سال 2018 ۾ عمران خان هٿان خيبر پختونخوا نڪري ويندو: نواز شريف (خبر)
* * .....پر نواز شريف جي هٿ ۾ سکڻو پنجاب آهي سو ئي رهندو (تبصرو)

* وفاقي سرڪار سنڌ سان لوڊ شيڊنگ ۾ متڀيد وارو سلوڪ بند ڪري: بلاول ڀٽو (خبر)
* * پهريان سنڌ ۾ زرداريءَ جي بي لغام ڪرپشن کي ته روڪيو (تبصرو)

* ٽنڊي آدم ڀرسان پاڪستان ايڪسپريس جي بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي (خبر)
* * ....جيئن سنڌ سرڪار، گڊ گورننس جي پٽڙيءَ تان اڳ ئي لهي وئي آهي (تبصرو)

* کوسا ـ آرائين جھيڙي جا 3 زخمي فوت (خبر)
* * افسوس...سنڌ جا ماڻهو قبائلي جھيڙن ۾ ئي وڙهي مرن ٿا (تبصرو)

* جمهوري سياستدان جي آخري منزل پارليامينٽ آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ!! ڀلا، ڪرپٽ آصف علي زرداريءَ جي آخري منزل ڪهڙي آهي؟ (تبصرو)

* سنڌ ۾ امن امان پ پ پ حڪومت جو ڪارنامو آهي: نثار کهڙو(خبر)
* * نثار کهڙا! سچ ڳالهاءِ ته سنڌ اندر ڪرپشن ڪنهن جو ”ڪارنامو“ آهي؟ (تبصرو)

* وزيراعظم چور ناهي، جاچ جو مطالبو ڪندڙ چور آهن: مولانا فضل الرحمان (خبر)
* * ....مولانا ڊيزل ته پاڻ آهي ئي وڪري جو مال....!! (تبصرو)

* لاڙڪاڻي ۾ 5 ڪلاس جي شاگردياڻي کي زوري پرائڻ کان بچايو ويو(خبر)
* * 12 ورهين جي معصوم ڇوڪريءَ کي زوري پرڻائڻ، ظلم آهي ظلم (تبصرو)
 
Back
Top