خلق خدا؛ جيڪا تون به،مان به ۽” دوسو“ به آهي! شفيق شاڪر دنيا ۾ هر ڌنڌي ۽ پيشي جي پنهن جي پنهن جي نفسيات ۽ پنهن جو ماحول هوندو آهي.مثال؛ حجامت ڪرڻ وارا تمام گھڻا ڳالهائو ٿين ٿا.اڪثر هروقت بنان ڪنهن ڪاما ۽ فل اسٽاپ جي هر گراهڪ سان جهڪ هڻندا رهندا آهن.گراهڪ جواب ڏئي يا نه پر هنن جو مثال ڪنهن اڳ ۾ ئي ريڪارڊ ٿيل ڪيسٽ وارو هوندو آهي جيڪا هروقت وڏي بي رحميء سان وڄندي رهندي آهي.انھيء هڪ طرفي محفل موسيقيء ۾ ڪڏهن ڪڏهن بليڊ يا ڪينچيء سان پاتل مزيدار چهنڊڙي به گراهڪ کي لائيٽ ڊانس تي مجبور ڪري وجھندي آهي.ڊرائيورن جي وري پنهن جي دنيا آهي،پنهن جي عام ڪچهرين ۾به اهي موٽر،انجڻ،ڪاربوريٽر، سائيڊ، رورس ،ٽاپ،ٽرن،سگنل ،مطلب ته انهن جي گفتگو ئي عجيب هوندي آهي.وري جيڪي دنيا ۾ فنڪار ٿين ٿا جن ۾ گلوڪار،موسيقار، شاعر،اديب وغيره شامل آهن انهن جون عام طور تي طبيعتون گھڻيون نازڪ ۽ حساس ٿين ٿيون، انهن جي گفتگوء ۾ هڪ عجيب قسم جي لفظن جي خوشبوء،نفاست ۽ نزاڪت هوندي.شعر ۽ شاعريء جي چاشني ۽ دانش ڀريل جملن جي مٽا سٽا ٻڌڻ لاء ملندي.استاد،مولوي۽خطيب اڪثر تقريرن جي شوق ۾ ورتل هوندا آهن ۽ هر وقت،ڪنهن نه ڪنهن کي ڀاشڻن جي مفت چٽڻي کارائيندا رهندا آهن.گھر ۾ به انهن جو اهو ئي حال هوندو آهي پر وري ڪنهن ٻئي جي ڳالھ ٻڌڻ جي معاملي ۾ڪنهن شوخ حسينا جيان گھڻو بي نياز هوندا آهن.وري ٽين جنس رکندڙن جو عجيب رنگينين ۽ مسڪراهٽن سان ڀريل جهان آهي،شل نه ڪو وڃي سندن هلندڙ ڊرامي ۾ مهمان اداڪار ٿئي! کلندي کلندي آنڊا ئي وات کان ٻاهر اچي ويندس.اهڙيء طرح ٻين ڌنڌن ۽ پيشن جو معامو به ساڳيو آهي. هاڻي اچون ٿا هڪ ٻي مخلوق جي طرف جيڪا دنيا ۾ ڪافي ۽ شافي مقدار ۾ لڌي وڃي ٿي.اهي دنيا ۾ جتي به هوندا آهن اتي انهن جي ساڳي نفسيات ۽ ساڳي ادا هوندي آهي .ساڳي .”شڪاري ڪٽ“ ۽ هٿن ۾ ساڳياشڪار جا اوزار! ها، سڌريل ملڪن ۽ اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي سياستدانن ۾ ٿورو فرق هوندو آهي سو اهو ته انهن ملڪن ۾ سياستدان پڙهيل ڳڙهيل جڏهن ته اسان جهڙن ملڪن ۾ اهي ” اڻ پڙهيل“ ۽ ” اڻ گھڙيل“ هوندا آهن جنهن ڪري هنن ويچارن جا سور سڌريل ملڪن جي سياستدانن جي سورن کان سوايا هوندا آهن ۽ سندن ملڪن جو عوام کين ”گلن جا هار“ به گھڻو پارائيندو رهندو آهي.هي ويچارا ايترا ته سڃا هوندا آهن جو هنن وٽ نه ته ڪي سياسي پارٽيون هونديون آهن ۽ نه ئي ڪا سندن ذاتي ملڪيت! هي جنهن شيء جا اڳواڻ هوندا آهن سا سياسي پارٽي نه پر ڪا پرائيويٽ لميٽيد ڪمپني ٿيندي آهي جنهن کي هلائڻ لاء ڪنهن افلاطوني ڏانء يا بقراطي عقل جي ضرورت نه ٿي پوي. اهڙيء طرح هنن جي وزير،مشير يا صلاحڪار ٿيڻ لاء به ڪنهن کي هروڀرو ڪنهن سياست، فلسفي،استعداد،تاريخ،معيشت،بين الاقوامي صورتحال تي پي ايڇ ڊي جا پاپڙ ويلڻ جي ضرورت نه هوندي آهي.بس جيڪو ڪمپنيء سان جيترو وفادار هوندو يا گھٽ ۾ گھٽ وفادار نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو ئي ڪم جو ماڻهو ۽ اهو ئي ڪمپنيء لاء وڌيڪ مفيد.معتبر،محبوب ۽ معزز آهي.اضافي خوبيون جن جي ڪري اهڙن وفادارن کي سندن مرضيء جو بونس به ملي سگھي ٿو سي آهن؛ نڪ جي ڏاڍائي،ڍيٽپڻ،وات مان الزامن. طنزن، طعنن،گارين ۽ ڌمڪين جا ميزائيل بنان وقفي اڇلائڻ جو تجربو،ڪمپنيء جي ڪاروبار وڌائڻ لاء اشتهار تيار ڪرڻ جي مهارت،ڪوڙا بيان جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن جو به ، ايستائين جو خدا جو خوف به نه ڪرڻ.اسان جو ويچارو عام ماڻهو ڪيڏو نه بي همت آهي جو جيڪر سندس ڪنهن ڪم يا عمل تي ڪو هڪ ئي آڱر کڻي ته ان ڪم کي ئي لت هڻي ويهي ٿو توڙي جو ان ڪم ۾ هن جو ڪيڏو به وڏو فائدو ڇونه هجي يا اها آڱر ڀلي غلط ڇو نه کڄي هجي.انهيء بي همتيء جي ڪري ته هو سياستدان نٿو بڻجي سگھي.هيء سياسي مخلوق صفا ڪٺور.ڏاڍي ۽ قائد اعظم جي يقين مستحڪم واري سونهري اصول تي اڪيلي عمل ڪندڙآهي.نه ٿڪن ٿا،نه بيزار ٿين ٿا،نه ڪنهن کي به مڃين ٿا ۽ نه ئي ڪنهن جي اڳيان جھڪن ٿا.انهن خداداد خوبين جي ڪري ئي ته اهي سدابهار سياستدان آهن.نه پوڙها ٿا ٿين ۽ نه ئي ڪمزور!انهن جو هن دنيا ۾ صرف هڪڙو ئي دشمن ازلي آهي.اهو آهي موت! انهيء سان منهن ڏيڻ ۾ اڃا تائين ته مجبور آهن سو اهي پنهن جي سياسي بلوغت جي پهرئين ڏينهن کان ئي پنهن جن گھرن ۾ئي موجود سياسي نرسرين ۾ ٻڄ پوکي تنهن کي پاڻي ڏيندا رهندا آهن ته جيئن موت جي اچڻ کان پهرين ڪمپنيء جو ڪو حقيقي ۽ اهل وارث ريڊي ميڊ موجود هجي ته جيئين ملڪ ۾ ڪو عظيم سياسي خال پيدا نه ٿي سگھي ۽ عوام ويچاري کي پنهن جي لاء ڪي حڪمران ٻاهرين ملڪن ۾ نه وڃي ڳولهڻا پون.ان گھريلو نرسريء سان گڏ انهن ملڪ ۾ هڪ اهڙي امر فيڪٽري به لڳائي ڇڏي آهي جتي سندن سياسي ڄڃ ۾ نچڻ وارا سوين ”دوسو“ ميڊ ان پاڪستان جي مارڪ سان پيدا ٿيندا ٿا رهن.جيستائين گھريلو سياسي نرسري سرسبز ۽ سائي آهي تيستائين ”دوسو“ به گھربا رهبا.جيڪي ڪمپنيء مان ئي مليل بلٽ ان نعري ”آوي هي آوي“ سان ملڪ جو سياسي ميلو مچائيندا رهندا.خدا جو شڪر آهي جو پنهن جن ٻين سمورين اڻ هوندن.کوٽن ۽ اوڻاين جي باوجود غريب ملڪن جو عوام ريڊي ميڊ سياستدانن جي صنعت ۾ گھڻو خود ڪفيل آهي. جيستائين اهي سياستدان موجود آهن خلق خدا راڄ ڪندي رهندي.اها خلق خدا جيڪا تون به آهين ۽ مان به آهيان ۽ ”دوسو“ به آهي!