90 واري ڏهائي ۾ هم پانچ اُها سيريل هُئي جنهن کي شايد سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو. 21 سال اڳ 1995ع ۾ اهو ڊرامو زي ٽي ويو تي پيش ڪيو ويو. اها سيريل هڪ چرياڻ فئملي جي ٻاراڻي حرڪتن تي ٻڌل هُئي. اهڙيون حرڪتون جيڪي هڪ ئي وقت کلايو به ڇڏين ۽ رُئاريو به ڇڏين. اڄ هڪ جاءِ تي اُهي تصويرون مليون ته هاڻ اُهي اداڪر ڪيئن ٿا ڏِسجن. Ashok Saraf as Anand Mathur Priya Tendulkar as Anand Mathur’s Late First Wife, who unfortunately passed away in 2002 Shoma Anand as Bina Mathur Vidya Balan as Radhika Rakhi as Sweety Bhairavi Raichura as Kajal Priyanka Mehra as Choti
زبردست سيريل هيو اهو ڊش اينٽينا وارو دور تمام سنهرو دور هيو انهن ڏينهن ۾ مان اسڪول پڙهندو هيس ۽ اسڪول مان واپسي تي ئي منجهند جو اهو ڊرامو هلندو هيو انهن ڏينهن ۾ ڊزني ڪارٽون چٽڪي بجا ڪي ۽ امانت ڊراما تمام گهٽا مشهور هيا
وديا بالن کي ته مون هاڻ ڏٺو آ کوڙ اهڙا ڊراما هئا جيڪي هاڻ اداڪار پوڙها ٿِي مَرِي ويا ته ڪي ٻيهر چمڙي جو علاج ڪرائي جوان نظر اچن ٿا.. سنڌ ۾ الائي ڪيترا اداڪار هُئا ۽ آهن.. انهن مان سينيئر اداڪار نورمحمد لاکو (نبو ڪمدار) پڻ آهي، جيڪو ڇوٽِي سي دُنيا ۾ ايم.اي خان کي وڃڻو هڻندو آ (ننڍو آ ان سين ۾) ۽ هاڻ پاڻ پوڙهو ٿِي ويو آ.. سنڌ جي اداڪارن تي پڻ لکڻ گهرجي..