سائنس جا سولاسبق ؛ ايٽم ۽ عنصر ATOMS&ELEMENTS ايٽم(ATOMS)؛ـــ ڪائنات جي هر شيء ايستائين جو جيڪا هوا اسان ساه کڻڻ دوران اندر کڻون ٿا ،اهي سڀ شيون ننڍڙن ننڍڙن ذرن جون ٺهيل آهن جن کي ايٽم چئبو آهي.ايٽم ايترا ته ننڍا آهن جو اسان انهن کي ڪنهن طاقتور خوردبين جي ذريعي به ڏسي نه ٿا سگھون.رڳو واريء جو هڪ ننڍڙو ذرو سوين ملين کرب ايٽمن تي ٻڌل آهي. عنصر( ELEMENTS )؛ـــ سڀيئي ايٽم ساڳئي نموني جا ناهن.هن وقت تائين 90 کان مٿي مختلف قدرتي ايٽمن جا قسم لڌا ويا آهن.اهڙي شيء جيڪاساڳئي قسم جي ايٽمن جي پاڻ ۾ ملڻ سان ٺهي هجي ته ان کي عنصر چئبو آهي. سيٽرن سياروPlanet Saturn گئس جو هڪ شاهي بال آهي جيڪو 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ صرف هائڊروجن جي عنصر جو ٺهيل آهي ڪوئلو Coal،پينسل ،هيرو Diamond۽ گريفائيٽ Graphite، ڏسڻ ۾ الڳ الڳ شيون(عنصر)آهن پر اهي سڀ هڪ ئي قسم جي ايٽمن يعني ڪاربان Carbonجون ٺهيل آهن . اهڙيء طرح فوائل ريپڊ چاڪليٽ Foil wrapped chocolate eggs ۾ ايليومينيمAluminum نالي ڌاتوئي عنصر جا ايٽم شامل آهن. مهراڻ سائنس ڪلب