• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / آچر 22 مئي 2016 / محمدخان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڀارتي شهر پٽنا ۾ فقير بئنڪ اڪائونٽن مان، واپارين کي قرض ڏيڻ لڳو (خبر)
* * فقير ٿيو يا نواز شريف جو مائٽ؟ جو راتو واهه امير بڻجي ويو آهي (تبصرو)

* ملڪ اندر بجليءَ جي کوٽ 3 هزار نه پر 7 هزار ميگاواٽ آهي: نيپرا (خبر)
* * نيٺ نواز شريف سرڪار جي پت وائکي ٿي پيئي (تبصرو)

* ايندڙ بجيٽ ۾ منرل واٽر مهانگو ٿيندو (خبر)
* * لڳي ٿو خزاني واري وزير اسحاق ڊار جي اکين مان پاڻي ختم ٿي ويو آهي (تبصرو)

* ايس ايڇ او ڪشمور جي بنگلي تي جج يرغمال (خبر)
* * جت جج ، پوليس هٿان يرغمال ٿيندا، اتي قانون جي بالادستي ڌُوڙ ٿيندي (تبصرو)

* مذهبي نفرت پکيڙڻ جي سزا 3 ورهيه مقرر (خبر)
* * لڳي ٿو اهو قانون به ٻين وانگيان، فائيلن جي سونهن ٿي ويندو (تبصرو)

* بجليءَ جو وزير عابد شير علي، ماڻهن کي اذيت ڏئي خوش ٿئي ٿو: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ، شاباس! پهريون ڀيرو ڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي اٿيئي (تبصرو)

* ملير جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪيترا ئي گھر ڊاهي ڇڏيائون (خبر)
* * وس پڄين ته سڀني سنڌين کي ڪراچيءَ کان ڊوڙائي ٻاهرڪڍن (تبصرو)

* دال 28 روپيا مهانگي ٿي وئي، بيسڻ جي اگهه ۾ 24 روپيا واڌ (خبر)
* * نواز شريف سرڪار جو وس پُڄي ته ماڻهن جو ساهه ئي ڪڍي ڇڏي (تبصرو)

* سنڌ سرڪار طرفان نائون ڀيرو ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائڻ جو فيصلو (خبر)
* * ٻيو نه ته فوٽو سيشن لاءِ، ائين ئي ٿيندو رهندو (تبصرو)

* ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي 46 ورسي ملهائي وئي (خبر)
* * هارين ۽ پورهيتن جو سچو همدرد، تنهن جو قدر ڪرڻ گھرجي (تبصرو)

* سنڌ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهڻ لاءِ 10 ارب روپيا منظور (خبر)
* * اهڙيون رٿائون ڪاغذن ۾ منظور ٿين ٿيون پر عمل ڪونه ٿو ٿئي (تبصرو)

* وڻ به انسانن وانگيان رات جو ننڊ ڪندا آهن: سائنسدان (خبر)
* * حڪمرانن جو وس پڄي ته عوام وانگيان وڻن جي ننڊ به حرام ڪن (تبصرو)
 
Back
Top