چون ٿا ته تاريخي طور نوشهروفيروز جو ساهتي پرڳڻو پنهنجي ساهت، سونهن ۽ سڀيتا تي ناز ڪندڙ علائقو رهيو آهي. اهو علائقو سيد الهندي شاهه، قاضي فضل الله، حسن علي عبدالرحمان کان ويندي اهم تعليمي ماهرن، شاعرن ۽ اديبن کان وٺي سرمست ماڻهن جي هڪڙي زمين رهي آهي. هي اهو ئي نوشهروفيروز آهي جنهن جي موري، لاکاٽ ۽ ٻين علائقن جا عوام جمهوريت لاءِ سر قربان ڪرڻ کان به ونءُ نه ويندا هيا. جنهن جي ماسٽر چندر کان جلال چانڊيو کان ويندي ڳائڻن ۽ فقيرن جي هڪ پوري قطار آهي. حشو ڪيولراماڻي، نارائڻ شيام، ڊاڪٽر ارجن سڪايل، آنند کيماڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين جي ته ڳالهه ئي اور آهي. چون ٿا ته سنڌ جي تمام وڏن وڏيرن ۽ چهبڪي سردارن توڙي اسٽيبلشمينٽ ۽ جمهوريت جي گڏيل ميلاپ جا سياستدان پڻ ان سرزمين تي پيدا ٿيا. ساڳئي گهر ۾ هڪ ڀاءُ مهربان ته ٻيو انتهائي نامهربان. پيءُ ظالم ۽ کهرو ته پٽ وري دلبر ۽ ماٺيڻو. ان ئي سرزمين تي قلندر بخش مبيجو نالي هڪ گهٽ درجا پڙهيل، ماني مڇي وارو شاندار ماڻهو ان سرزمين جي سونهن ۾ واڌارو ڪندڙن ۾ شامل آهي. هن جي در تان ڪوبه خالي نه موٽيو. هن جي ڪنن تي پيل ڪابه سئن هن کي بي چين ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. هو ڪجهه به نه هيو انسانن جي لاءِ ”حاطم طائي“ هيو. هن جي ذڪر سان رڳو ماڻهن جي زبان تي عزت ڀريا لفظ ئي گڏ ٿي سگهن ٿا. نوشهري فيروز ۾ پورهيت ڀائرن کي وات ۾ جوتو کڻائي انسانيت جي تذليل ڪرڻ جي وڊيو ڪئي مهينا گذرڻ کان پوءِ نيٺ سوشل ميڊيا تي اچي ويئي. 10 ڊسمبر 2015ع تي ڦل شهر ڀرسان علائقي جي ڀوتار محمد بخش مبيجو جي گاڏي سان هڪ گڏهه گاڏيءَ جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن کي ٻه ڀائر اياز ميمڻ ۽ سهيل ميمڻ هلائي رهيا هيا. ان ٽڪرجڻ کان پوءِ ڀوتار جي گن مينن ۽ ڊرائيور مٿن تشدد ڪري ”ڦل“ شهر ۾ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ ڀوتار محمد بخش مبيجو پاڻمرادو اهو فيصلو ڪيو هو ته ٻئي ڀائر منهنجي اوطاق تي وات ۾ جوتو وجهي اچن ته کين معاف ڪندس. اهي ٻيئي ڀائر سندس اوطاق تي گهرائي سندن وات ۾ پادر وجهائي معافي گهرائي وئي، جنهن تي ”مهربان“ وڏيري کين بروقت معاف ڪري ڇڏيو. جنهن قلندر بخش مبيجو جي در تي رڳو انسانن جي عزت هوندي هئي، ان در تي سندس پٽ جي موجودگي ۾، جڏهن ٻن ڀائرن ۽ ٻن پورهيتن کي ڪنهن به شخص سندس وات ۾ مانيءَ جا ٻه گرهه وجهڻ بدران ٻه پادر کارايا ته انسانيت جون سموريون شلوارون، ان جو حياءُ، شرم پنهنجا سڀ ليڪا ۽ حدون ٽوڙي وڏيرڪي ذهنيت جي اصل آستاني جا پار پتا ڏيڻ لڳا. وڏيرڪي دٻاءَ ۽ ڪيل فيصلي جي ڪري اها وڊيو منظر تي نه اچي سگهي. جيڪا نيٺ اچي ويئي. ٽيڪنالاجي وسيلي ظالم وڏيرڪي ذهنيت جو جنهن نموني نماءُ ٿيو آهي تنهن قبر ۾ پوريل سندس سخي مرد ۽ پيءُ کي پڻ بي آرام ڪري ڇڏيو هوندو. اها بي آرامي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ پوليس جي انسان دوست آءِ جي الهڏنو خواجا ۽ انساني حقن جي صلاحڪار ناديا گبول پڻ بروقت محسوس ڪئي. ان جو سخت نوٽيس وٺندي، واقعي جي فرياد داخل رڪڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترو به بااثر هجي انهي کي گرفتار ڪيو ويندو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اچو ته ، هن واقعي جو ڪجهه ٻئي نموني جائزو وٺون: جي اها وڊيو منظر تي نه اچي ها ته پوءِ ڪٿي به قهقاءُ به نظر نه اچي ها. پر اهو واقعو ٿيو آهي، جنهن جا آرڊر مبينه طور ملزم نه به ڏنا هجن پر سماج ۾ ڪي ته قوتون آهن، جيڪي پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ انهن جي اولاد لاءِ اهڙو رويو رکن ٿيون. اهي قوتون ظالم وڏيرڪي سماج جون انتظامي قوتون آهن، جيڪي انسان جي لاءِ، نوجوان عورتن ۽ انهن جي عزت جو اگهه مقرر ڪري هر روز سماج تي چٿر ۽ ٺٺول ڪن ٿيون. ان سماج کي بنا دير اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي گهرج آهي. سمورا ملزم محمد بخش نفسياتي علاج لائق ٿي پيا آهن، انهن جي لاءِ بنا دير نفسياتي علاج جو هڪرو طريقو اسپتال آهي ۽ ٻيو طريقو اها انتطامي سوچ ۽ انتظام آهي، جنهن ۾ سرڪار کي اهڙي ڪنهن به ڳالهه جي اجازت نه ڏيڻ جي سوچ شامل هجي. جنهن ڏينهن هو سڀ ڪجهه ”مٿان کان هيٺ“ شروع ٿي ويندو ته ڳوٺ هجن يا شهر ڪٿي به ڪنهن سهيل ۽ اياز سان ڪو انياءُ نه ٿي سگهندو. ڪڏهن به ساهتي پرڳڻي جي ساک متاثر ڪرڻ وارا ڪر کڻي نه سگهندا. ذڪر ڪيل ٻنهي متاثر پورهيت ڀائرن جي واسطي سندن روح کي پيل رهنڊن تي پها رکڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي خاص پيڪيج ڏيڻ گهرجي. انهن جي هٿ ۾ گڏهه هڪلڻ جي واڳ بدران ڪتاب ۽ قلم ڏنا وڃن، انهن جي تعليم جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. انهن سان ٿيل ويڌن جي خلاف انهن کي معاوضو پڻ ڏنو وڃي.