سنڌو ڊيلٽا جي تباهي ۽ واپڊا جا غلط انگ اکر!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌو ڊيلٽا جي تباهي ۽ واپڊا جا غلط انگ اکر!​



    ماروي ميمڻ

    ان مهل مايوسيءَ ٿئي ٿي، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي اها ڳالهه غلط ثابت ٿئي ٿي ته اهي سنڌ کي گهربل پاڻيءَ بابت مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ جو انڊس ڊيلٽا جي پاڻي بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي سب ڪميٽي، جنهن جي صدارت مون پئي ڪئي، ان جيڪي سفارشون مرتب ڪيون آهن، ان تي قطعي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ پراڻي ڪامورڪي اٽڪلن سان ان کي ان جاءِ تي اٽڪائي رکيو ويو آهي، جتي اڳ وارين حڪومتن رکيو هو. موجوده حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جنهن انداز جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته هو ماحوليات بابت سب ڪميٽيءَ جي سنڌو ڊيلٽا بابت سفارشن کي اسلام آباد جي پراڻي ڪامورڪي انداز ۾ رديءَ جي ٽوڪري حوالي ڪرڻ گهري ٿي. 27 مارچ تي قومي اسيمبليءَ جي سب ڪميٽي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت کي هيٺيون سفارشون موڪليون هيون.

    · ڪوٽڙي بيراج 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ لاءِ 1991ع ٺاهه تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    · ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب تباهه ٿيل 1.3 ملين ايڪڙ زمين ۽ 126 ديهن جي ٻيهر سروي ڪئي وڃي ۽ متاثرين کي معاوضو ڏنو وڃي.

    · ڪوٽڙي بيراج، ارسا ۽ واپڊا جي پاڻيءَ جي انگن اکرن ۾ ڪو فرق نه هجڻ گهرجي ۽ ڪوٽڙي بيراج مان آيل انگن اکرن کي وڌيڪ مستند مڃيو وڃي.

    · ٽيلي ميٽري سسٽم واپڊا جي پاران فڪس ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ ڪميٽي اهو پلان ڏيندي ته اهو ڪيئن فڪس ڪيو وڃي.

    · گذريل 9 سالن ۾ ڇهه سال ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي 10 ملين ايڪڙ فٽ کان گهٽ ڇڏيو ويو آهي. مستقبل ۾ ائين نه ٿئي، ان لاءِ هاڻي کان ئي پلاننگ جي ضرورت آهي.

    · پرڏيهي مامرن جي رپورٽ اڃا تائين صوبائي حڪومتن آڏو منظوريءَ لاءِ پيش نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1991ع جو پاڻي ٺاهه حتمي آهي.

    · واپڊا ۽ ارسا وارن ڪميٽيءَ آڏو ڳالهه رکي ته، پرڏيهي مامرن جي پينل (IPOE) جي رپورٽ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 8.6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي نه ڇڏيو وڃي. پر جڏهن آءِ پي او اي وارن جي رپورٽ پڙهي وئي ته ان موجب 10.8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي عام طور تي ۽ 9.86 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي خشڪ ساليءَ دوران ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. واپڊا ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وئي ته اهي غلط انگ اکر پيش نه ڪن. جيئن اڳ ۾ سب ڪميٽين يا ڪميٽين کي پيش ڪري صوبن وچ ۾ بدگماني پيدا ڪندا آيا آهن.

    · 1991ع ٺاهه تي ان جي روح موجب صحيح طور عمل ڪيو وڃي، ان جي پهرين ترجيح موجب ٺاهه ۾ ڏنل واهه ٺاهيا وڃن، پوءِ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي، ان کان پوءِ به پاڻي بچي ته پوءِ ريڻي ڪڇي يا ٻيا پراجيڪٽ ٺاهيا وڃن.

    · جڏهن نوان ڊيم ٺهي وڃن ته پهرين ترجيح 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ وڃڻ يقيني بڻايو وڃي. اها ساڳي ضرورت هر سال پوري ڪئي وڃي، ڀلي ڊيم پاڻي فراهم نه ڪري سگهي.

    · هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا 1960ع کان وٺي ڊيلٽا جي ايڪولاجي ٺاهي ۽ اهو ساڳيو ڪم 1991ع ۽ 2009ع لاءِ به ڪري، بلڪه هو پنجن سالن بعد اهو ڪم ڪري ڊبليو ڊبليو ايف، آءِ يو سي اين ۽ ماحوليات کاتو انهن جي اڀياس کي جاچي سگهي ٿو. پاڻيءَ معاملي ۾ مڪمل ۽ جامع سوچ جي ضرورت آهي ته جيئن vision 2050ع تحت پاڻي جي ذخيرن ۽ ٻيهر استعمال جا پلان ڳولهي سگهجن.

    جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوال اٿاريو ويو ته ”ڇا بجلي ۽ پاڻي جو وزير اهو ٻڌائيندو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ بابت ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن، جيڪي 1991ع جي ٺاهه موجب آهن؟ وزير صاحب جو جواب مايوس ڪندڙ ۽ ٽال مٽول وارو هو. هڪ مهينو اڳ ارسا جي چيئرمين کان ڪميٽيءَ آڏو غلط انگ اکر پيش ڪرڻ تي پڇاڻو ڪيو ويو هو، پر هن ڀيري هڪ مهيني بعد وري ساڳيو ڪم ٻيهر دهرايو ويو آهي. نه صرف ايترو، پر اهو سڄو معاملو جيڪو غلط آهي نه صرف زباني، پر لکت ۾ اسيمبليءَ جي ڪتاب ۾ ڇاپيو ۽ پوري اسيمبليءَ آڏو پيش ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن توهان پاڻي ماهر ناهيو ۽ اسيمبليءَ ۾ واقعي پاڻي ماهر ناهن ته پوءِ هي غلط رپورٽ انهن کي ڦٻي وڃي ٿي، پر جڏهن کان سب ڪميٽيءَ هوم ورڪ ڪيو آهي، اسين انهن جي غلط انگن اکرن سان صحيح انگن اکرن واري ڪارڊ ذريعي وڙهي رهيا آهيون. ڪميٽيءَ کي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ڏنل جواب ۾ هڪ بنيادي غلط بياني اها آهي ته رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انٽرنيشنل پينل آف ايڪسپرٽ (IPOE) جي رپورٽ موجب سنڌ کي صرف 8.6 ايم اي ايف پاڻي گهربل آهي. ارسا چيئرمين جڏهن اها رپورٽ اسان آڏو پيش ڪئي ته مون کيس چيو ته هڪ اها رپورٽ به پڙهي، جيڪا هن اسان جي ڪميٽيءَ کي 4 فيبروري تي موڪلي آهي ۽ ان جي صفحي نمبر 4 جي 9 ڪلاز ۾ لکيل آهي ته تربيلا جي وهڪري جي بنيادن تي اها رپورٽ ٺاهي وئي، جيڪا گهربل ”واڌاري“ پاڻي بابت آهي، جنهن تحت گهٽ پاڻي واري مند ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ”واڌارو“ پاڻي عام سال ۾ 1.26 ايم اي ايف ۽ خشڪ ساليءَ دوران 2.20 MAF ڇڏيو وڃڻ بابت آهي. جڏهن اهي ٻئي انگ اکر ارسا چيئرمين جي پنهنجي رپورٽ سان گڏ پڙهجن ته پوءِ IPOE جي سفارش آهي ته 9.86 ملين ايڪڙ فٽ عام طور تي ۽ 10.8 ملين ايڪڙ فٽ خشڪ سالي دوران ٿئي ٿو. جڏهن ارسا چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو ته هن ان رپورٽ جي ڪلاز 9 کي ڇو گول مول ڪيو، جڏهن ته اها سندس ئي موڪليل رپورٽ ۾ موجود آهي ۽ هن 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ جو غلط ڪاٿو ڪيئن پيش ڪيو ته هو لاجواب ٿي، خاموش ٿي ويو. ڪاميٽي جي انهيءَ اجلاس کان اڳ واپڊا کان سندن سفارشن بابت پڇيو ويو هو. انهن به ساڳيا انگ اکر يعني 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ لکي موڪليا. واپڊا ۽ ارسا کان پڇيو ويو ته 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي معاملو 1991ع جي ٺاهه بعد ڪڏهن به نه اٿيو آهي ڇو؟ جڏهن ته سفارش 10 ملين ايڪڙ فوٽ جي ٿيل آهي، جنهن جي ڊسمبر 2008ع جي ماحولياتي ڪاميٽيءَ پڻ نشاندهي ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته جنهن ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي جهيڙو جوٽيندا آيا آهيون، اها غلط آهي، يعني هو غلط بنيادن تي ڪيس وڙهندا آيا آهن. واپڊا هميشه غلط انگ اکر پيش ڪندو رهيو آهي، کين ياد ڏياريو ويو ته سندن غلط انگ اکر پيش ڪرڻ سبب ملڪ ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ عوام ۾ بدگماني پيدا ٿيندي رهي آهي، مثال طور 1991ع ۾ واپڊا جا بنيادي انگ اکر 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آهي، اها سندس ٻن جنرل منيجرز جي آن رڪارڊ ڳالهه آهي. ٻيهر 1994ع ۾ واپڊا ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي بابت ئي لکيو آهي. NEC نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (2001-2011) 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي تصديق ڪئي آهي. ڀورڀن ۾ 2002ع ۾ واپڊا پاران پيش ڪيل انگن اکرن ۾ اوچتو تبديلي نظر آئي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ 6.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻڌايو ويو ۽ ان جو سبب به نه ڏسيو ويو، نتيجي ۾ طئي ٿيل 10 ملين ايڪڙ فوٽ مان وڃي 6.5 ايم اي ايف پاڻي بيهاريو ويو آهي. 2005ع ۾ نيشنل واٽر پاليسي ٻيهر 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي تصديق ڪئي. اي اين جي عباسيءَ واري رپورٽ ۾پڻ واپڊا پاران پيش ڪيل انگ اکر 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ ڏنل آهي.

    جڏهن واپڊا وارن کان مٿي ذڪر ڪيل سندن بيانن، رپورٽن ۽پيش ڪيل انگ اکرن ۾ تفاوت بابت پڇيو ويو ۽ کين ٻڌايو ويو ته انهن جي اهڙين حرڪتن سبب صوبن وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ٿيو آهي ته انهن وٽ جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه نه هيو. اسان وري سب ڪميٽيءَ جي واضح رپورٽن بابت موجوده حڪومت جيڪو قومي اسيمبليءَ ۾موقف اختيار ڪيو آهي، اهو صوبن وچ ۾ عدم اعتماد جو باعث بڻيو آهي. بلڪه ڪامورن ۽ پارلياماني ميمبرن وچ ۾ پڻ اعتبار نه ڪرڻ جهڙا موقعا فراهم ڪري ٿو. پيپلزپارٽي حڪومت ته ڊيلٽا بابت دعويٰ به ڪري ٿي، پر عملي طور باوجود اسان واري ڪاميٽي پاران هر ڪم ڪري ڏيڻ ۽ سفارشون سندن ٽيبل تي رکڻ جي ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. اسان کي ان اهم اشو تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران سندن ڳالهيون ۽ هاڻي سندن خاموشيءَ ۾ وڏو فرق آهي. مان چاهيان پئي ته سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي جا ماڻهو ان ڳالهه کان هوشيار رهن ته 10 ملين ايڪڙ فٽ، اهو گهٽ ۾ گهٽ تعداد آهي، جيڪو قبول ڪيو ويندو. ان کان گهٽ ڪجهه به قبول نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ گذريل 10 سالن ۾ انهن کي ان کان گهٽ پاڻي ڏيئي علائقي کي تباهه ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي حڪومت چاهي ته اهو سندن لاءِ تمام آسان ڪم آهي، هو حڪومت پيا ڪن اسان سندن مدد ڪري سگهون ٿا، پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته پيپلز پارٽي عوام جي مطالبي ۽ ٿيل فيصلن باوجود ان تي عمل ڇو نٿي ڪري؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو