محمد خان سيال
سينيئر رڪن
شهيد غزالا بتول، پي آءِ اي جي پبلڪ افيئرز (پبلڪ رليشنس) ۾ ڪم ڪندي هئي جنهن ۾ مون اٽڪل 20 ورهيه گذاريا ۽ پوءِ منهنجي، مارڪيٽنگ ڊپارٽمنٽ ۾ بدلي ٿي وئي پر مون ڪڏهن به پنهنجي پراڻي ڊپارٽمنٽ کي ڪونه وساريو ۽ جڏهن به موقعو ملندو هو ته اتي ويندو هوس ۽ مسز غزالا سان ملاقات به ٿيندي رهندي هئي ـ
تن ڏينهن ۾ منهنجا سنڌ جي مسئلن تي مختلف انگريزي اخبارون ۾ کوڙ خط ڇپجندا رهندا هئا ۽ مسز غزالا انگريزي اخبارون ۾ سنڌ جي مسئلن تي لکيل منهنجا خط، ڏاڍي شوق سان پڙهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجن خطن جون پريس ڪلپنگس به سنڀالي رکندي هئي ـ هوءَ مون کي سنڌ جا مسئلا انگريزي ميڊيا ۾ زوردار نموني سان کڻڻ تي شاباس به ڏيندي رهندي هئي ۽ چوندي هئي ته انگريزي ميڊيا ۾ سنڌ جي مسئلن تي لکڻ وارا گھٽ آهن ـ سندس چوڻ تي، مون ماما پارسي اسڪول ۾ سنڌي نه پڙهائڻ بابت انگريزي اخبارون ۾ خط لکيا جت سندس ٻار پڙهندا هئا ـ
سندس شهادت کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ، سندس آفيس ۾ ويس ته مون سندس منهن تي عجيب ۽ غيرمعمولي رونق ڏٺي جنهن جو ذڪر مون اڳ به فيس بوڪ تي ڪيو آهي ـ دل چاهيو ته انهيءَ جو ڪارڻ کانئس پڇان پر پوءِ ماٺ رهڻ ئي مناسب سمجھيم ـ انهيءَ ڏينهن، مون کانئس موڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي بار بار ويهڻ لاءِ چوندي رهي، اهڙي ريت مان سندس آفيس ۾ اٽڪل 3 ڪلاڪ ويٺل رهيس ـ
سندس سائيڊ واري ٽيبل تي سنڌي پندرهن روز مخزن افيئر رکيل هو جنهن جي ڪل هڪ درجن پرچن ۾ منهنجا آرٽيڪل ڇپيا هئا جيڪي يا ته سنڌ جي مسئلن تي هئا يا وري پ پ پ خلاف جنهن، تن ڏينهن ۾ تڪراري ٻٽو بلدياتي نظام آندو هو ـ مسز غزالا مون کان بار بار پڇندي رهي ته افيئرز وارا اوهان کي گھڻو معاوضو ڏيندا آهن؟ اهو به چيائين ته: افيئرز جو مالڪ مون وٽ ايندو آهي ۽ مان اوهان جي آرٽيڪل ڇپجڻ سبب کيس وڌ کان وڌ اشتهار ڏيندي آهيان ۽ پڇڻ تي، کيس ٻڌايائين ته هو ته ليکڪن کي سٺو معاوضو ڏيندو آهي پر مون کيس ٻڌايو ته افيئر وارن مون کي معاوضي ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي پر اڃا ڏنو ناهي ـ
مسز غزالا جي شهادت کانپوءِ جڏهن مون افيئر وارن کان معاوضو گھريو ته مخزن جي ايڊيٽر همسفر گاڏهي مون سان فون تي بدتميزي ڪئي ۽ معاوضي ڏيڻ واري پنهنجي وعدي تان ڦري ويو ـ مخزن جي مالڪ کي 2 ڀيرا چيم پر هن سوچڻ جو چئي، ڪو به جواب ڪونه ڏنو ـ پوءِ، خبر پيئي ته انهي مخزن وارا، ليکڪن کي ڏٽا ڏئي، سندن معاوضا گھڻو ڪري ڦٻائي ويندا آهن ـ
مسز غزالا انهيءَ ڏينهن مون کي پنهنجي طرفان سندس ذاتي ڳالهيون ٻڌائيندي رهي جن ۾ سندس شاديءَ کان وٺي، سندس وڏي پٽ جي فضول خرچي به شامل هئي ـ پر هن ڪٿي به مون سان اهڙو ذڪر نه ڪيو ته هو اياز لطيف پليجي صاحب جي جلوس ۾ شريڪ ٿيندي ـ
تن ڏينهن ۾ اياز لطيف پليجو، بلوچ گينگوار جي سربراهه عُذير بلوچ (جنهن وٽ، پوءِ رسول بخش پليجي صاحب اسان جي پراڻي صحافي دوست دستگير ڀٽيءَ سان گڏ حاضري ڀري هئي پر ڀٽي صاحب تازو ائين ڪرڻ تي فيس بوڪ تي پڇتايو آهي) جو زبردست حامي هو جڏهن ته عذير بلوچ تي، پاڻ کي آدمشماريءَ ۾ سنڌي لکائيندڙ60 کان وڌيڪ ڪڇين جي، بلوچ گينگوار هٿان قتل جا الزام آهن ـ
اهو جلوس جنهن ۾ مسز غزالا شهيد ٿي هئي سو پليجي صاحب وارن بلوچ گينگوار جي سربراهه عذير بلوچ جي حمايت سان سندن علائقي کان ڪڍيو جنهن ۾ گينگوار جا ماڻهو به شامل هئا جيڪونهايت ئي تڪراري روٽ تان لنگهيو هو ـ ساڳي هنڌ، مونکي اڄ به ياد آهي ته سال 1972۾ سنڌين، سنڌي ٻوليءَ جي فائدي م جلوس ڪڍيو هو ته فليٽن مان مٿن سرون جا وسڪارا لاتا ويا هئا پر سنڌي پنهنجا پير پختا ڪري بيٺا رهيا ـ (منهنجي تجزئي موجب جلوس تي فائرنگ بلوچ گينگوار جي نمائندن جي موجودگيءَ سبب ٿي هئي جن کي جلوس ۾ شامل نه ڪرڻ گھربو هو ۽ نه ئي انهيءَ روٽ تان جلوس ڪڍڻ گھربو هو ) ـ
سڪيورٽيءَ جي لحاظ کان بهتر هو ته اهو جلوس بلوچ گينگوار جي سربراهه عذير بلوچ جي سهڪار سان ڪڍڻ بدران، ڪراچي پريس ڪلب وٽ سڌي ريت ميڙاڪو ڪجي ها پر افسوس ته ائين نه ڪيو ويو جنهن ڪري مسز غزالا ۽ ٻين جي شهادت ٿي ـ