ملڪ جون حالتون ڪهڙي طرف پييون وڃن؟ شفيق شاڪر گھڻن کي هن وقت ملڪي سياسي صورتحال ۾ جيڪي معاملا بظاهر نهايت ئي عام ۽ ويجھڙائيء ۾ ڪنهن سياسي طريقي سان قابل حل نظر اچي رهيا آهن اهي معاملا حقيقيت ۾ ايترا سادا،آسان ۽ اطمينان بخش نه آهن.پاناما پيپرز ۽ ڪرپشن وارا معاملا پنهن جي جڳهه تي پر پردي جي پويان ٻيا به ڪيترائي الا دکي رهيا آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڀنڀٽ بڻجي هڪ خطرناڪ سياسي باه جي صورت اختيار ڪري سگھن ٿا،جنهن حقيقت جو احساس يا ته سياستدانن خاص طور تي حڪمرانن کي آهي ئي ڪونه يا هو پنهن جي وجود جي بقا جي جنگ ڪنهن به صورت ۾ آخري حد تائين وڙهڻ گھرن ٿا،انهيء حقيقت کان بي نياز بڻجندي ته ان سرد جنگ جا نتيجا ڪيتري حد تائين خطرناڪ نڪري سگھن ٿا.آئيني ڪتابن ۾ ڇا به لکيل هجي پر حقيقت اها آهي ته موجوده حڪمران نه رڳو پاناما پيپرز پر ٻين به ڪيترن ئي حوالن سان حڪومت ۾ رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪا آهن. هاڻي هنن جي ڏاڍ مڙسي چئجي يا نڪ جي ڏاڍائي جو اهي معاملن کي اهڙي ته غيردانشمنداڻا ۽ غيراخلاقي طريقن سان اڳتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جو هر ايندڙ ڏينهن نه رڳو سياسي تماشن ۾ اضافو ڪندو ٿو وڃي پر رياست جا سمورا اهم ۽ بنيادي ڪار وهنوار عملي طور تي رڪجي ويا آهن.اسان جي سياستدانن جو هڪڙو بنيادي الميو اهو به آهي جو اهي پنهن جن سمورين ڪمزورين ۽ اوڻائين کي کلئي عام تسليم ڪندي انهن کي درست ڪرڻ بدران،سدائين طاقتور ڌرين کي اخلاقيات جا درس ڏيڻ لڳن ٿا ۽ اهي جڏهن پنهن جن سمورين نااهلين،خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سماجي ۽ سياسي بي چيني ۾ ڪن مقتدر ڌرين جا هٿ ڳولهڻ ۽ دٻيل لفظن ۾ انهيء کي عوام خلاف سازش جو ويس پارائين ٿا ته هڪ گھڙيء لاء به انهن سنجيدگيء سان اهو سوچڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته آخر ملڪ ۾ جمهوري ادارا اڄ تائين اطمينان جي حد تائين مضبوط ۽ مستحڪم ڇو نه ٿي سگھيا آهن؟انهن ادارن جي ستيا ناس ڪرڻ ۾ ٻين غير سياسي ڌرين سان گڏ سندن پنهن جو ڪيترو ڪردار آهي؟هنن جون پوريون پاليسيون ۽ قانونسازيون صرف ان هڪڙي مرڪزي نڪتي چوڌاريء گھمنديون رهيون آهن ته ڪهڙيء طرج رياست جي ٻين ادارن کي سندن معاملن ۾ دخل ڏيڻ ۽ سندن ڪنهن به قسم جي احتساب کان ڪيئن روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.رياستون خلائن ۾ نه هونديون آهن،جڏهن ڪنهن رياست جي سلامتي داء تي لڳي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي ته پوء رياست جا اهم ادارا جن کي رياست جي تحفظ جي ڊيوٽي مليل آهي جن ۾ فوج،عدليا،مقننه،ميڊيا ۽ سول اسٽيبلشمينٽ به شامل آهي،سي ان رياست کي ڪنهن حڪومت جي نادانين ۽ نااهلين جي نذر ڪري نٿا سگھن.جڏهن معاملا سنگينين جي انتهائن کي ڇهڻ لڳندا آهن ته پوء اهي قانوني ،آئيني ۽ سياسي بحث به بلڪل بيڪار ۽ غيرمتعلقا بڻجي ويندا آهن.انهيء ڪري پاڪستان هن وقت جنهن بحران جي ڪنڌيء تي بيٺل آهي اتي رياستي ادارن جا هڪٻئي سان ڳالهين ۽ مفاهمت جا دروازا تيزيء سان بند ٿيندا ٿا وڃن.انهيء وسيع منظرنامي ۾ پاناما ليڪس وارو معاملو ٻين اهم معاملن مان ئي فقط هڪڙو معاملو آهي.پرڏيهي پاليسي،هندستان سان تعلقات، پاڙيسري ملڪن ۾ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال،پاڪستان جي معاملن ۾” را“ جي انوالومينٽ،نيشل ايڪشن پلان جي حوالي سان حڪومت جي غيرسنجيدگي،حڪومتي ادارن ۾ ڪرپشن مافيا خلاف ٿيندڙ ڪاروائين ۾ روڙا اٽڪائڻ،پنجاب کي هر قسم جي آپريشن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ،ميان نواز شريف ۽ سندس ساٿين جا مبينا طور تي سيڪيوٽي فورسز جي خلاف ڳڻتيء جوڳا بيان ،مختلف سنگين ڏوهن ۾ گرفتار ڪيل ملزمن خلاف حڪومت پاران مناسب ۽ موثر پراسيڪيوشن جو نظام نه جوڙڻ،قومي خزاني مان پنهن جي پاڪائيء ۽ پارسائيء جي مهم تي اربين روپيا ضايع ڪرڻ، آمريڪا سان سفارتي تعلقات ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ،آپريشن ڪيل علائقن ۾ معاشي بحالي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي قيام سان حڪومت جي لاتعلقي هئڻ،معيشت جي تباهي ۽ مهانگائيء تي ڪنٽرول نه هئڻ،ماڻهن کي زندگيء جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪندڙ حڪومتي شعبن جي مڪمل تباهي ۽ بربادي،ڪجھه طاقتور ميڊيا ۽ سياسي ڌرين کي سرڪاري خزاني مان وڏيون رشوتون ڏيڻ ،اهي سمورا معاملا هاڻي ڪو لڪيل راز نه رهيا آهن. سو اڃا به جيڪر حڪمران توڙي سياستدان ان سياسي تماشي کان ٻاهر نٿا اچن ۽ اجائي هٺ ڌرمي ۽ هوڏ نٿا ڇڏين ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪو اهڙو سياسي حادثو ڪنهن به طرح امڪان کان خارج ڪري نٿو سگھجي جنهن حادثي لاء ٻئي ڪنهن نئين دليل بدران مٿي بيان ڪيل جواز ئي ڪافي ٿي سگھن ٿا.خدا نه ڪري جو ايئن ٿئي پر جيڪر ايئن ٿيو ته انهيء سموري معاملي جي اڪيلي ذميداري انهن ئي حڪمرانن ۽ سياستدانن تي ايندي جيڪي پنهن جي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي گند ۾ ايترو ته گچي چڪا آهن جو جو ڪابه عوامي ڌر انهن جي ويجھو وڃي پنهن جا ڪپڙا خراب ڪرڻ جي همت نه ڪري سگھندي.. (روزاني عوامي آواز، روزاني عبرت ۽ روزاني جيجل 23 مئي 2016ع)