سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو،مخالفت ۾چوٿون ڀيرو يڪراءِ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو،مخالفت ۾چوٿون ڀيرو يڪراءِ ٺهراءُ منظور



    [​IMG]


    ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ اسيمبليءَ هڪ ڀيرو وري يڪراءِ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪندي هن تڪراري رٿا خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ميمبرن حلف کڻڻ واري انداز ۾ ٺهراءُ يڪراءِ بحال ڪري ڪالاباغ ڊيم ۽ مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي عابد شير علي خان خلاف سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار ڪيو آهي، پهريون ڀيرو هي ٺهراءُ حلف واري انداز ۾ منظورڪيو ويو. اسپيڪر نثار احمد کهڙو ٺهراءُ جا لفظ پڙهندو ويو ۽ سڀئي ميمبر هڪآواز ٿي اهي لفظ ورجائيندا ويا. ٺهراءُ پيش ۽ منظور ڪرڻ وقت ”شيم-شيم“ ۽ ”ڪالاباغ ڊيم جي حامين سميت مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي عابد شير علي ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت نعرا هنيا ويا. جڏهن اهي نعرا لڳايا پئي ويا ته نثار احمد کهڙي ميمبرن کي اهو چيو ته هو غيرپارلياماني جملا نه چون پر اهي نعرا ايوان جي ڪارروائي مان خارج نه ڪيا ويا. ڪالاباغ ڊيم ۽ عابد شير علي خان خلاف ٺهراءُ ثقافت واري وزير سسئي پليجو پيش ڪيو، جنهن جي حمايت صوبائي وزيرن ۽ ميمبرن سيد سردار احمد، ڄام مهتاب ڏهر، اياز سومري، نرگس اين ڊي خان، ڊاڪٽر سڪندر منڌري، شميم آرا پنهور، رخسانه شاهه، فرحين مغل، انور مهر، ڊاڪٽر نصرالله بلوچ، سليم خورشيد کوکر، حميرا علواڻي ۽ ٻين ميمبرن ڪئي. سڀني ميمبرن اهو ٺهراءُ ڌار ڌار پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي اسپيڪر چيو ته پورو ايوان ٺهراءُ پيش ڪرڻ چاهي ٿو تنهنڪري اهو ٺهراءُ گڏيل انداز ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر سان گڏميمبر اهو ٺهراءُ پڙهندا ۽ منظور ڪندا ويا. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ”هي اسيمبلي هڪ ڀيرو وري چٽي نموني دفن ٿيل ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي رد ڪري ٿي ۽ ايم اين اي عابد شير علي جي ان بيان جي سخت مذمت ڪري ٿي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت ڪندڙ اسيمبلين کي ختم ڪيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن اهي ڀارتي ايجنٽ آهن.“ ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”هي اسيمبلي انهن ماڻهن جي به مذمت ڪري ٿي جن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٽن اسيمبلين کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي ٽئي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي رد ڪري چڪيون آهن.“ ٺهراءُ کان اڳ سسئي پليجو بجيٽ تي عام بحث دوران چيو ته جن ماڻهن جي سياست جي ٽي روڊ تائين آهي اهي اسان کي ملڪ سان محبت جو ڪهڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندا. مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جي راڻا عبدالستار چيو ته عابد شير علي خان پاڪستان خلاف ڳالهايو آهي، کيس معافي وٺڻ گهرجي، جيستائين سنڌجو هڪ به غيرتمند سپوت جيئرو آهي تيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو. هن چيو ته ٽن صوبن جو اسيمبليون جڏهن ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪن ٿيون ته ان جو ضرور ڪو سبب آهي. پيپلزپارٽي جي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو. سنڌي بي غيرت ناهن، اسان اهو ڊيم هرگز ٺاهڻ نه ڏينداسين. پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر سڪندر علي شوري چيو ته عابد شير علي جو ڏنل بيان صوبن کي ويڙهائڻ جي سازش آهي. مخالف ڌر مسلم ليگ (ق) جي نزهت پٺاڻ چيو ته جنهن وقت عابد شير علي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفن خلاف گُٿا لفظ ڳالهائي رهيو هو ان وقت ايم اين ايز کي گهرجي ها ته اهي عابد شير علي کي وڃڻ نه ڏين ها ۽ سندس”خاطر“ ڪن ها، ڪالاباغ ڊيم ٺهراءُ پيش ۽ منظور ڪرڻ وقت ايوان ۾ سڀني ميمبرن جو انداز سخت احتجاج وارو هو. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي ڪالاباغ ڊيم خلاف هي چوٿون ڀيرو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو