ڇا اوهان هيٺين تصوير ڏسي پنهنجي عقل، مشاهدي ۽ منطق سان هيٺين سوالن جا جواب ڏئي سگهو ٿا؟ ڪيمپ ۾ ڪيترا ماڻهو ترسيل آهن؟ اهي ڪڏهن پهتا؟ اڄ يا ڪجهه ڏينهن اڳ؟ اهي هتي ڪيئن پهتا؟ مطلب ڪهڙي سواريءَ ذريعي پهتا؟ ڀلا شهر يا ڳوٺ هتان کان ويجهو آهي يا پري؟ ڀلا هوا ڪٿا جي پئي لڳي؟ اتر کان يا ڏکڻ کان؟ ڏينهن جو ڪهڙو پهر آهي؟ مطلب ڪهڙو وقت آهي؟ Alex يعني هنن کان علاوه ٻيو همراه ڪٿي آ؟ ڪالهه ڪيمپ ٿي ڊيوٽي ڪنهن جي هئي؟ نالو ٻڌايو. تصوير جي حساب سان اڄ ڪهڙي تاريخ آهي؟ جواب 3 ڏينهن کان پوءِ پوسٽ ڪندس.
1.ڪيمپ ۾ 4 ماڻهو ترسيل آهن. 2.اُهي 3 ڏينهن اڳ پهتا. 3.اُهي هت ٻيڙئ جي ذريعي پهتا.ڇو جو تصوير ۾ ٻيڙي جا چمٽا رکيل آهن 4.شهر يا ڳوٺ هتان کان گهڻو پري هوندا چو جو سمنڊ جو سفر ڪري آيل آهن. 5.هوا اُتر کان لڳي رهي آهي.ڇو جو تصوير ۾ جهنڊو اتر کان اولهه طرف نظر اچي رهيا آهن. 6.هي ڏينهن جو ٻيو پهر هوندو .تصوير ۾ چوڪري جو پاڇو ٻڌائي رهيو آهي. 7.الڪس منهنجي خيال ۾ سنڀال تي هوندو. 8.جيمس جي . 9.اڄ جي تاريخ 10 آهي،اون ڊيوٽي ليبل مان پتو پوي ٿو.
ها ادا ڇو نه بلڪل ڪنداسين. 1.ڪيمپ ۾ 4 ماڻهو آهن.Colin,peter,james,Alex 2..اُهي 3 ڏينهن اڳ پهتا.ان جي خبر اون ڊوٽي بورڊ مان پوي ٿي. 3...اُهي هت ٻيڙئ جي ذريعي پهتا.ڇو جو تصوير ۾ ٻيڙي جا چمٽا رکيل آهن.ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته اُهي لازمي ڪنهن بوٽ جو سفر ڪري آيل هوندا. 4....شهر يا ڳوٺ هتان کان گهڻو پري هوندا چو جو بوٽ ته لازمي ڳالهه آهي پاڻي ۾ ئي هلندي آهي ان مان اهيو پتو پوي ٿو ته هي ڪنهن سمنڊ جو سفرڪري ٻئي پاسي ڪنهن بيڇ تي آيل آهن. 5.....هوا اُتر کان لڳي رهي آهي.ڇو جو تصوير ۾ جهنڊو اتر کان اولهه طرف نظر اچي رهيا آهن. 6......هي ڏينهن جو ٻيو پهر هوندو .تصوير ۾ چوڪري جو پاڇو ٻڌائي رهيو آهي. 7.......Alex ڊوٽي تي آهي.7.8.9 کان پو 10 تاريخ هن جو وارو آهي.. 8........7. ۽ 8 تاريخ تي ڊوٽيColin۽peter جي هُي ۽ ڪالهه ڪيمپ تي ڊوٽي james جي هُي. 9.........اڄ جي تاريخ 10 آهي اُهو ڊوٽي ڪارڊ مان پتو پوي ٿو.
يار مونکي سمجهه نٿو اچي ته وقت ڪهڙو ٿيو آ ؟ ڏينهن جا 11 يا شام 2 ؟؟ جيڪڏهن ٻوڙ گرم ڪندڙ همراھ اُتر ڏانهن مُنهن ڪري بيٺل آهي ته پو ڏينهن جا 11 ٿيا هوندا جيڪڏهن ڏکڻ منهن اٿس ته پو شام جا 2 ٿيا هُوندا.. هِن ڪيمپ ۾ هنن سان گڏ هڪ ڪُڪڙ به آهي ، جيڪڏهن اِها ڪُڪڙ پاڻ سان گڏ کڻي آيا آهن ته پو پَڪ سمجهو پري جو سفر آ.. جيڪڏهن پاڻ سان ڪُڪڙ ناهن کڻي آيا ته پو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڳوٺ تمام ويجهو آ ۽ ڪُڪڙ معمول موجب ڪناري تي کاڌو کائڻ آئي آهي.
ادا اسان کان ڳالھ گهڻي آهي باقي دوست غلام مرتضي ٿهيم ۽ ادا عبيد ٿهيم منطقي لحاظ سان ڪوشش ڪئي آهي باقي هاڻي اخري نتيجو توهان ئي ڏيندو جنهن جو اسان کي به انتظار آهي
اڇا اڇا ان جي ڪري ايڏي دير ڪئي آهي سجاد ..ادا عبيد پنهنجي وس ۾ ڇاهي بس دعا ٿا ڪري سگهون سجاد لا الله کاشو ڪريس..