رنو گهڻو ٿم لڇيو گهڻو ٿم سٺو گهڻو ٿم ضيان جاني سمنڊ منهنجو گواه ٿيندو زمين ڏيندي بيان جاني عظيم آهين ڪمال وانگي حسين سهڻي خيال وانگي تڏنهن ته تنهنجو جمال جلوه جڏنهن تڏنهن آ جوان جاني جلي جلي ٿو ڪيان اجالو لڇي لڇي ٿو چوان جمالو کلي پڇين ٿو ته ڪيئن هلان ٿو جيئن هلي پيو جهان جاني تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ڊُڪي“ بخاري“ سڄي حياتي سڪي گذاري ٻچي ٻڍي کي يقين ٿي ويو اڃان به تو کي گمان جاني