• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا پنجاب ۽ پنجابي صرف ۽ صرف سنڌ جا خيرخواهه آهن ۽ سنڌي پنهنجا دشمن آهن؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم جا حامي اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن بدنام ڪالاباغ ڊيم، پنجاب اندر ٺهيو ته سنڌ کي واڌو 40 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ملندو ـ جيڪڏهن سچ پچ ائين هجي ها ته سنڌ انهيءَ جي مخالفت ڇو ڪري ها؟ اها عقل جي ڳالهه آهي ـ
اهو سمورو ناٽڪ پنجاب ۽ سنڌ ـ دشمن وفاقي اداريَ بدنام واپڊا جو آهي ـ اهي سنڌ ـ دشمن يعني ڪالاباغ ڊيم جا حامي توڙي وفاقي ادارو واپڊا، عام ماڻهوءَ کي اهو ڪونه ٻڌائن ٿا ته سال”1991ـ پاڻي ٺاهه“ هيٺ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ لازمي پاڻي (10 ايم ايَ ايف) ڇڏڻو آهي جيڪو ٺاهه کي سڄا سارا 26 ورهيه گذرڻ جي باوجود زورآور پنجاب، لازمي پاڻي ڇڏڻ واري فقري تي عمل ڪرڻ ڪونه ٿو ڏئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان عربي سمنڊ (سنڌي سمنڊ) تائين واري علائقي ۾ رهندڙ 26 لک ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهن جيتوڻيڪ اهي مسلمان، انسان ۽ پاڪستاني آهن پرساڳي وقت سنڌي هئڻ جي گذريل 26 ورهين کان کين سزا ڏني پيئي وڃي ـ جيڪڏهن اهي ماڻهو پنجابي هجن ها ته کين اهڙي سزا هرگزنه ملي ها ـ
ياد رهي ته گذريل 26 ورهين کان”1991 ـ پاڻي ٺاهه“ جي انهيءَ اهم فقري تي، زورآور پنجاب عمل ٿيڻ ڪونه ٿو ڏئي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جا ڇهين وڏي انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي ۽ ماحولياتي الميي الڳ جنم ورتو آهي جيڪو سنڌ توڙي سنڌين لاءِ سخت هاڃيڪار آهي ـ سنڌوءَ ۾ تازو پاڻي نه ڇڏڻ ڪارڻ، سمنڊ جو پاڻي خشڪيءَ تي چڙهي آيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي 3 ضلعن ۾ اٽڪل 27 لک ايڪڙ زرعي زمين بيڪار ٿي وئي آهي ـ
بدنام ڪالاباغ ڊيم جا حاميو ۽ بدبودار انسانو! ڪالاباغ جو ناٽڪ هاڻ بند ڪريو ـ توهان اهو ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا ته صرف ۽ صرف پنجاب، سنڌ جو خيرخواهه آهي، سنڌ جا پنهنجا ماڻهو، سنڌ جا دشمن آهن ـ توهان جي اهڙين حرڪتن سبب، اوهان اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) وڃايو ـ هاڻ ته تاريخ کان سبق حاصل ڪريو، ڪجھه ته شرم ڪريو...!!
 
Back
Top