خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / اربع 25 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* لنڊن ۾ زرداريءَ سان فضل الرحمان جي ملاقات، نواز شريف سان ملڻ کان انڪار(خبر)
* * اها ساري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ملي ڀڳت آهي (تبصرو)

* چينلن تي پيسا وٺي، ماڻهن جا پٽڪا لاٿا وڃن ٿا: چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ (خبر)
* * پيسن خاطر، ٽي وي چينل وارا ماڻهن کي اگھاڙو ڪندي ويرم ڪونه ڪندا (تبصرو)

* سنڌي شاعري بحر کان نڪري رڻ پٽ ۾ هلي وئي آهي: ايوب کوسو (خبر)
* * شاعريءَ جي ڳولا لاءِ، ”گم ٿيل جو پتو گھرجي“ وارو اشتهار ڇو نه ڏجي؟(تبصرو)

* پ پ پ سرڪار ناڪام آهي، ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي: اياز لطيف پليجو(خبر)
* * ڀلي ٻيهر اليڪشن ڪرايو، لکي وٺ، قاسم آباد کان پڪ هارائيندين (تبصرو)

* وفاقي سرڪار، گھوٽالي مان ڪڍڻ لاءِ پ پ پ کي چيو آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * اڳ ۾ اهو ٻڌاءِ ته سنڌ کي ڪرپشن ۾ وجھڻ لاءِ پ پ پ کي ڪنهن چيو آهي؟ (تبصرو)

* پ پ پ سياسي قبلو آهي، انهيءَ کي ڇڏڻ جو سوچيو به نه اٿئون: جميل الزمان (خبر)
* * ڀلي سياسي قبلي وٽ آصف زرداريءَ جھڙا ڪرپٽ ليڊر ڇو نه بيٺل هجن؟ (تبصرو)
 
Back
Top