تاج جي شاعريءَ جي معنيٰ عاشقن کان پڇو
(جنم ڏينهن جي مناسبت سان)
انور ابڙو
تاج بلوچ جي تشريح ايتري آسان ناهي. هُو ظاهري طور اوهان کي ڀل ته لاپرواهه، ويڙهاڪ ۽ ارڏو شخص نظر اچي، پر سندس اندر جي معصوميت جا رنگ اوهان شايد ئي ڪڏهن ڏسي سگهو. مون کي سندس اِن معصوميت ۽ بي انتها پنهنجائپ واري رنگ جي هڪ جهلڪ تڏهن نظر آئي هئي، جڏهن مان سندس نياڻي- ڀيڻ غزل جي قتل جي خبر ٻڌي وٽس ويو هوس. اُن وقت مان ڪنهن ڳالهه سبب کانئس ٿورڙو ڏکارو به هوس ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اسانجي ملاقات نه ٿي هئي. جيئن ئي مون گلشن اقبال ۾ واقع آريڪا اپارٽمينٽ ۾ سندس فليٽ جي چائنٺ تي پنهنجو پهريون قدم رکيو هو ته هُو صوفا تان اُٿي، وڌي اچي مون کي ڀاڪر پائي، پار ڪڍي، ڍنڍڪرون ڏيئي، ائين رُنو هيو، ڄڻ اسان ٻنهي جو قضيو ٿيو هجي ۽ اِهو ٿيو به ته اسان سڀني جو قضيو هيو نه.
ڪراچيءَ ۾ جن شخصن جي ڇانَوَ، مون اُس ۾ ڊوڙندڙ شخص کي ملي، انهن ۾ انور پيرزادو، تاج بلوچ ۽ بدر ابڙو نمايان آهن. مون انهن ٽنهي شخصن جي ذهنن جي سجايل ۽ ڀريل گهرن مان گهڻو ڪجهه چورائي پاڻ کي سجائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هُنن شايد ئي پنهنجي اها چوري سنڀالي هجي.
تاج بلوچ جي شخصيت کي جيڪا سندس ڳالهه سنڌ جي ٻين هاڻوڪن اديبن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، اُها سندس فڪري چِٽائي آهي. هُو نئين دنيا جا خواب ڏسندڙ هڪ اهڙو شاعر ۽ ليکڪ آهي، جيڪو سماجي تبديليءَ جي تمنا رکندي، اُن جي لاءِ ويڙهه ته ڪري ٿو، پر پوءِ به مون کي سندس شخصيت جي اپٽار جي لاءِ ”ترقي پسند“ لفظ پنهنجي معنيٰ ۾ ڏاڍو محدود ٿو محسوس ٿئي.
اڄ جڏهن گهڻو ڪجهه ڊهي چڪو آهي ۽ اسين پاڻ کي نئين دور جي چال مطابق تبديل ڪرڻ بنا، ڪنهن جعلي پير وانگر هٿ ۾ ڪانو کڻي، انهن ڊٿل ديوارن تي لانگ ورائي ويهي، انهن کي گهوڙو بڻائي هلائڻ واري فريب ۾ ورتل آهيون، تڏهن هُو پٺتي مُڙي، طوفان ۾ تباهه ٿيل پنهنجي گهر مان صرف اُهي شيون کڻي ٿو، جيڪي کيس نئين گهر جي اڏاوت ۾ مددگار ٿي سگهن. هُو جيتوڻيڪ ماضيءَ جي نظرياتي مٽيءَ جو ڍير پاڻ سان نٿو کڻڻ چاهي، تنهن هوندي به هُو انهن ماڻهن سان گڏ ضرور هلڻ ٿو چاهي، جن جي بدن جا گهاوَ اڃا روشن آهن ۽ جن جي اکين جون آباديون اڃا ويران آهن. هُو هڪ خواهش پالي ٿو ته هِن ديس جي اُنهن ماڻهن جي گهرن جي درن جي چائنٺ تي خوشين جا سج اُڀرن، جن جا هٿ هِن ڪائنات کي صدين کان سنواريندا پئي آيا آهن.
تاج بلوچ ته اصل ۾ شاعر آهي ۽ شيخ اياز کانپوءِ جن ٻن چئن وڏن سنڌي شاعرن جو جڏهن به ذڪر ايندو، تاج انهن ۾ شامل هوندو. هِن جي شاعري مون کي هر نئين دور جي ۽ تازي لهر محسوس ٿيندي آهي. اڄ جڏهن هُو 61 سالن جي عمر جو ٿي رهيو آهي، پوءِ به سندس شاعري اُن جوان ڇوڪريءَ وانگر محسوس ٿيندي آهي، جيڪا پنهنجي محبوب سان رُسندي به آهي، ته پرچندي به آهي. هُن سان وڙهندي به آهي، ته کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ زور سان ڀڪوڙي مٿس چمين جو مينهن به وسائيندي آهي. سندس وائي ”جوڀن پڪي ٻير، الو ميان“ ۽ ”مان چاهيان ٿو نچجي“ سندس لاجواب نظم آهي. سندس شاعريءَ ۾ خيال پهاڙن وانگر، ردم رقص وانگر ۽ ٻولي ڪنهن سٻاجهي ڳوٺاڻي يا شهري راڻيءَ وانگر هوندي آهي. تاج جا موضوع روايتي بنهه ناهن هوندا. مون ته هِن جي شاعريءَ مان هميشه آٿت ۽ اميد حاصل ڪئي آهي. جن کان پرين رُٺا هجن، سي تاج جي شاعري پڙهن. هن جي شاعريءَ جي معنيٰ عاشقن کان پڇو.
مون کي ياد آهي، شايد 1994ع ۾، جڏهن تاج بلوچ جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”لفظن جو ماتم“ مون کي هڪ اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ تحفي ۾ ڏنو هيو ته اُن وقت منهنجي خوشيءَ ۽ حيرت جي ڪا حد نه رهي هئي. هڪ ته ان ڪتاب جو عنوان منهنجو تجويز ڪيل هيو ۽ ٻيو اِهو سوچي مون کي خوشي ٿي هئي ته، ’اِن اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ، جنهن سنڌي ادب به ناهي پڙهيو، ڪيئن تاج بلوچ جو ڪتاب، مون کي تحفي طور ڏيڻ جي لاءِ چونڊيو؟‘ پر تاج بلوچ شايد اُهو اڪيلو سنڌي شاعر ۽ اديب آهي، جيڪو ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن سان به اهڙو ئي گهرو رشتو جوڙيون اچي پيو، جهڙو هِن جو سنڌ جي اديبن سان جڙيل آهي. مون کي سندس اِهو ڪردار ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هُو ٻين ٻولين جي اديبن وٽ سنڌي ادب جو هڪ سفير آهي.
پر ادا تاج، اسان کي اُن وقت تمام گهڻو صدمو پهچي ٿو، جڏهن اوهان چئو ٿا ته، ”مون کي سنڌ ۾ بلوچ هئڻ ڪري نظرانداز ڪيو ويو آهي“ يار، ائين نه چئه. سنڌي ماڻهن جو اوهان سان جيڪو رشتو آهي، اُن جي گهرائپ جي اوهان کي في الحال خبر نه پوندي. سڀاڻي جڏهن ڪو بي رياءُ مورخ سنڌي ادب جي تاريخ لکندو، اُهو تاج بلوچ کي اُن مان قطعاً هٽائي نه سگهندو. تاريخ ته اڃا لکجڻي آهي. فيض صاحب جي اُن شعر وانگر ته،
تم کہتے ہو جنگ ہو بھی چکی
جس میں ہم نے رکھا نہین قدم
سو، تاج، اڄ سنڌ کي ايڪتا جي ضرورت آهي هر سطح تي ۽ هِن ديس جي چپن تي اسان جيڪا ”سُرخي“ ڏسڻ چاهي هئي، دل اُن لاءِ اڃا به بي تاب آهي. مايوسي به ڏاڍي گهڻي آهي. اڄ هٿ مٿي نعري لاءِ گهٽ ۽ دعا لاءِ وڌيڪ کڄن ٿا- پر هيءُ ديس روئي روئي ٿڪجي پيو آهي- هاڻ هيءُ کِلڻ چاهي ٿو، اوهان جهڙي کِل، اوهان جهڙا ٽهڪ، اوهان جي ئي هڪ نظم جي اِن سٽ وانگر: ”مان چاهيان ٿو کِلجي.“
2002ع