• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امر جليل جا اختلافي رمارڪ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪنهن دوست فيس بوڪ تي امرجليل جا رمارڪ لکيا آهن: تون ۽ مان هڪٻئي جو ضد آهيون، تنهنجو منهنجو فيصلو تاريخ جي صفحن ۾ ٿيندو (امر جليل)
جيڪڏهن اهي رمارڪ امر جليل ڏنا آهن ته مون کي انهن سان اختلاف آهي ـ ائين ناهي ته تاريخ جو فيصلو سدائين درست هجي ـ تاريخ ۾ ته اورنگ زيب کي ”عالمگير“ ۽ جهانگير کي ”عادل“ جي لقبن سان اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته منهنجي خيال ۾ سچائي انهيءَ جي ابتڙ آهي ـ هئڻ ته ائين گھرجي: تنهنجو ۽ منهنجو فيصلو الله تعالى قيامت جي ڏينهن ڪندو جيڪو حق ۽ انصاف تي ٻڌل هوندو ـ
 
سائين سيال صاحب ، امر جليل صاحب جو تازو ڪالم جنگ مان ترجمو ٿي روزاني عبرت 26 مئي ۾ ڇپيو آهي جنهن جو اخري اقتباس هي آهي.ان تي ٿورو تبصرو ڪجو.
“اڄوڪي ڪٿا جي پڄاڻي اسان هڪ اهڙي تجويز سان ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن سان ڳالهه مان ڳالهوڙو بنجڻ ۾ دير نه لڳندي. حڪومت کي قبول ڪرڻ گهرجي ته شراب نوشي تي لڳل پابندي تي عمل ڪرائڻ ۾ حڪومت بريءَ طرح ناڪام وئي آهي. امراءَ ۽ شرفا جي محفلن ۾ پاڻي جيان شراب پيتو ويندو آهي، حڪومت جي ڪنهن به اداري جي مجال نه آهي جو اهڙي ڪنهن محفل تي ڇاپو هڻي. ان جي برعڪس جن بنگلن ۽ پرائيويٽ ڪلبن ۾ رنگ رليون ملهايون وڃن ٿيون، انهن جي حفاظت جي لاءِ جديد هٿيارن سان مسلح گارڊ مقرر ڪيا ويندا آهن. اهڙين محفلن ۾ شامل ماڻهو هر طرح سان محفوظ ۽ محظوظ ٿيندا آهن. ان ڪم ۾ لک انڪار ڪرڻ جي باوجود هر حڪومت شاملِ حال رهي آهي. بجلي ڪڙڪي ٿي ته ويچارن مفلسن تي. سرڪار نامدار پاڪستان ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن کان ڪجهه فيڪٽرين کي شراب ٺاهڻ، ڪجهه ڪاروباري ادارن کي شراب گهرائڻ ۽ مخصوص ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ جي پرمٽ ۽ لائسنس ڏئي رکيا آهن. اهو عمل حڪومت جو اعتراف آهي ته شراب تي مڪمل طور تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي. غريب ۽ مفلس ماڻهو امپورٽيڊ شراب پيئڻ جي سگهه نٿا رکن، اهي پنهنجي عادت زهريلو محلول پي پوري ڪندا آهن ۽ مري ويندا آهن. اسان فقيرن جي سرڪار نام دار کي گذارش آهي ته شرفائن وانگر ٺرو، تاڙي ۽ ڪچو شراب ٺاهيندڙن کي به پرمٽ ۽ لائسنس جاري ڪيا وڃن، انهن جي بٺن جي صفائي سٿرائي تي ڪڙي نظر رکي وڃي، انهن جي شراب ۾ استعمال ٿيندڙ جزن ۽ شراب جي ليبارٽري جوڙائي وڃي، شراب پيئڻ وارن جي لاءِ جاءِ مخصوص ڪئي وڃي، جتي دل کي خوش ڪرڻ بورڊ تي سڙيل اکرن ۾ لکيو وڃي ته شراب صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ان سان اوهان جو موت واقع ٿي سگهي ٿو، هاڻي ڳالهوڙو ٺهڻ گهرجي.”
 
سائين تبصري لاءِ صلاح ڏيڻ جي مهرباني پر مان وقتي طور ماٺ رهڻ ئي بهتر سمجھان ٿو ڇاڪاڻ ته ڪجهه دوست مثبت تنقيد تي به ڏمرجي پون ٿا ـ هت لکڻين کي ميرٽ تي نه پر شخصيتن جي بنياد تي پرکيو وڃي ٿو ـ برطانيا ۾ شيڪسپيئر تي تنقيد ڪريو ته ڪير به دل ۾ نه ڪندو پر اسان وٽ ڪجهه ليکڪن تي مثبت تنقيد ڪريو ته گھڻن جون ننڊون حرام ٿي وڃن ٿيون ۽ موٽ ۾ بدتميزي ڪرڻ شروع ڪن ٿا، ساڳي حالت هڪ قومپرست سياسي ليڊر جي پوئلڳن جي به آهي ـ
 
ڪنهن دوست فيس بوڪ تي امرجليل جا رمارڪ لکيا آهن: تون ۽ مان هڪٻئي جو ضد آهيون، تنهنجو منهنجو فيصلو تاريخ جي صفحن ۾ ٿيندو (امر جليل)
جيڪڏهن اهي رمارڪ امر جليل ڏنا آهن ته مون کي انهن سان اختلاف آهي ـ ائين ناهي ته تاريخ جو فيصلو سدائين درست هجي ـ تاريخ ۾ ته اورنگ زيب کي ”عالمگير“ ۽ جهانگير کي ”عادل“ جي لقبن سان اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته منهنجي خيال ۾ سچائي انهيءَ جي ابتڙ آهي ـ هئڻ ته ائين گھرجي: تنهنجو ۽ منهنجو فيصلو الله تعالى قيامت جي ڏينهن ڪندو جيڪو حق ۽ انصاف تي ٻڌل هوندو ـ

ان قسم جا رمارڪس مختلف ڪهاڻين يا ڪالمن جي ڊائلاگس مان ورتل آهن، جيڪي ان ڪهاڻي يا ڪالم جي ضرورت موجب لکيا ويندا آهن. انهن رمارڪس کي ان تناظر ۾ ڏسجي ، نه ڪي ذاتي خيالن طور ....
ٻيو ته تاريخ فيصلو ته ڪندي آهي .... پر ان کي ڪير ڪهڙي نظر سان ٿو ڏسي اهي الڳ شيون آهن.
 
وساڻ صاحب....مون کي اوهان جي اختلافي راءِ جو احترام آهي ـ
 
Back
Top