• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قصو”مولا جٽ“ جو...........!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مان فيس بوڪ تي روزانو پوسٽ ٿيندڙ خبرون جي ٽيڪاٽپڻي ۾، مولابخش چانڊئي صاحب جي بيانن جو گھڻو ڪري ذڪر ڪندو رهندو آهيان ـ ڪجھه وقت اڳ، مولابخش چانڊئي پاڻ ئي ميڊيا ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ڪپتان (قائم علي شاهه) کيس سدائين ”مولا جٽ“ سڏيندو آهي جنهن تي کيس فخر آهي ـ
اسان جو محترم دوست امداد چانڊيو انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو آهي ته مان چانڊئي صاحب کي ”مولاجٽ“ ڇو ٿو لکان؟ ۽ اها به فتوى ڏني اٿس ته اهو ڪو ادبي ۽ تهذيب يافتا طريقو ناهي ـ جيئن ته خبرون تي تبصرا نيم مزاحيا انداز ۾ ڪيا ويندا آهن تنهن ڪري ”مولاجٽ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”مولوُ ڄٽ“ ڪرڻو پيو ـ
جڏهن مولابخش چانڊئي صاحب اهڙو انڪشاف پاڻ ئي ڪيو هو ته مون انهيءَ وقت به پنهنجي وال تي اهڙي خبر هلائي هئي ۽ پوءِ خبرون جي ٽيڪاٽپڻيءَ ۾ به اهڙو ذڪر ڪيو هوم پرهر تبصري سان گڏ، اهڙي وضاحت بار بار نه ٿي ڪري سگھجي ـ اميد ته اها ڳالهه امداد چانڊئي صاحب کي سمجهه ۾ اچي وئي هوندي ۽ هو پنهنجا رمارڪ واپس وٺندو ـ انهن ڏينهن ۾ پنهنجي تبصري ۾ مون لکيو هو: جيڪڏهن ڪو پڙهيل لکيل پاڻ کي ”ڄٽ“ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ته انهيءَ تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ـ
 
مولو ڄٽ
ٿي سگهي ته ڪائي نلي ڇاھ باشاھ (قائم علي شاھ بادشاھ) جي عشق ۾ مولابخش پاڻ کي مولاجٽ سڏايو هُجي.. :D:D:D
چوندا ناهن ته :: ڪهڙو نان سڏيان او ساجن...
 
Back
Top