ماضيء جو آئينو ؛ ” لي موريا جو گم ٿيل براعظم.“ شفيق شاڪر ”لي موريا “جي باري ۾ سائنسدان ۽ زميني ماهر جدا جدا ۽ يقين نه ڪرڻ جهڙيون سوچون رکن ٿا.انهن جي نزديڪ لي موريا ڪائنات جي شروعاتي پر نهايت ئي ترقي يافته تهذيبن مان هڪ هئي. لي موريا جو پهريون ڀيرو نالو 19صديء ۾ ڊارون جي ارتقا واري نظريي جي حوالي سان سامهون آيو هو جڏهن اهو خيال ظاهر ڪيو ويو ته ”لي مور “ کير پياريندڙ باندر جي شڪل جو هڪ جانور هو جيڪو آفريڪا،مدساغر .ڀارت ۽ ملايا جي جھنگن ۾ پاتو ويو هو.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ”لي موريا“ ۽ ”اٽلانٽس “جون تهذيبون ساڳئي وقت موجود هيون.ماهرن لي موريا ۽ اٽلانٽس جي رهواسين جي باري ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ نه اعتبار جوڳيون ڳالهيون لکيون آهن.انهن جي دعوايٰ آهي ته لي موريا جا رهواسي ٽيلي پيٿي۽ ،ٽيلي پورٽ جا علم ڄاڻندا هئا ۽ اهي پنهن جن جسمن جي بناوت بدلائڻ جي به صلاحيت رکندا هئا.سندن زبان رڳو لفظن تي ٻڌل نه هئي پر اهي اظهار لاء باقائدي محاورن جو استعمال به ڪندا هئا.انهن جاگھر ترندڙ گنبذ هئا جن کي هو جتي به ويندا هئا پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا.سندن ياداشت تمام پڪي هئي.اهي روشنيء جي مرڪزيت کان واقف هئا ۽ انهيء جو استعمال به ڄاڻندا هئا.لي موريا جي ماڻهن جا روح پنهن جي اصل کان واقف هئا۽ انهن روحن ۾ ايتري صلاحيت هئي جو اهي مادي جسمن کي ڇڏي گھمي ڦري وري انهن جسمن ۾ موٽي سگھن.بهرحال لي موريا کي ايتري ته پراڻي تهذيب سمجھيو وڃي ٿو جو هاڻي ته ان باري ۾ صرف گمان ئي ڪري سگھجي ٿو. جديد دور جي هڪ نجوم جي ماهر ” ميڊم بالويسڪي“ لي موريا کي هڪڙي گم ٿيل براعظم (کنڊ) جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي 1888ع ۾ سندس لکيل هڪ ڪتاب ”دي سيڪريٽ ڊڪٽرائين“ ۾هن دعويٰ ڪئي آهي ته لي موريا جي باري ۾ هن اها معلومات ”دي بوڪ آف زيان“ مان هٿ ڪئي آهي جيڪو ڪتاب اٽلانٽس ۾ لکيو ويو هو.بالويسڪيء جي دعويٰ مطابق لي موريا هندي سمنڊ ۾ اٽڪل 50 لک سال پهرين آباد هو.هن جي چوڻ مطابق لي موريا جا رهاڪو ” ٿرڊ روٽ ريس يعني ٽيون نسل“ هئا جيڪي زمين تي آباد هئا.اهو نسل بيضا ڏيندو هو ۽ انهن جون ٽي اکيون هيون.اهي فطري طور تي هم جنس پرست هئا ۽ انهن جو زوال تڏهن شروع ٿيو جڏهن انهن سيڪس دريافت ڪيو. ليکڪ ”جيمس چرچ وارڊ“ مطابق ” لي موريا ميو“ پنج هزار ميل ڊگھو ۽ ٽي هزار ميل ويڪرو هڪ خوبصورت علائقو هوجنهن جي موسم سدائين وچٿري رهندي هئي .هن جي دعويٰ مطابق ان علائقي ۾ 6 ڪروڙ 40 لک ماڻهو رهندا هئا جيڪي ان علائقي جي غرق ٿيڻ ڪري مري ويا.هن جي چوڻ مطابق” بحر ڪاهل“ جون هاڻوڪيون ٻيٽن نما جابلو چوٽيون انهيِ ئي غرق ٿيل علائقي جون نشانيون آهن. لي موريا تي تحقيق ڪندڙ ان خيال تي پهتا آهن ته اتان جا اڪثر ماڻهو اهڙن گھرن ۾ رهندا هئا جن جون ڇتيون شفاف يعني ٽرانسپيرينٽ هيون.اهي دکن، دردن ۽ بيمارين ۾ مبتلا نه ٿيندا هئا.جڏهن ته انهن جون عمرون ڪيئي سو سال هيون.انهن 40 هزار سال رڳو تجربن ۽ مشاهدن ۾ گذاريا،اهڙيء طرح اهي ٽيلي پيٿي جي فن،خلائن جي سفر ڪرڻ ۽ پنهن جو پاڻ کي بنان ڪنهن مادي وسيلي جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جا ماهر ٿي چڪا هئا. هڪ مورخ لي موريا جي رهاڪن جي شادين جي هڪ عجيب ۽ دلچسپ طريقي جو ذڪر ڪيو آهي. هن موجب ڪو بزرگ ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريء جي چونڊ ڪندو هو، پوء گھوٽ ۽ ڪنوار ٻئي پنهن جي هر شيء،ملڪيت،دولت،گھر گھاٽ ايستائين جو سندن جسمن جا ڪپڙا به لاهي ڪنهن پوڄاريء جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا جنهن کان پوء ٻنهي کي اگھاڙي حالت ۾ 28 ڏينهن لاء ڪنهن جھنگل ۾ موڪلي ڇڏيو ويندو هو.انهيء عرصي دوران انهن ٻنهي کي هڪٻئي سان ڪوبه جنسي لاڳاپو رکڻ سواء پنهن جي لاء نه صرف ڇت،ڪپڙن ،اوزارن۽ روزگار جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو پر هڪٻئي جو خيال به رکڻو پوندو هو جيڪر ٻئي ان امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا ته پوء انهن جي شادي به ڪرائي ويندي هئي ۽ سندن کسيل مال ۽ ملڪيت به کين واپس ڪئي ويندي هئي پر جيڪر اهي ناڪام ٿي ويا ته پوء ڇوڪري به ويئي ته ٽوڪري به ويئي! اها به دعويٰ ڪئي پيئي وڃي ته لي موريا جي وڏرن جن کي” تيرهين پيڙهي “ چيو وڃي ٿو تن تباهيء کان پهرين پنهن جو هيڊ ڪوارٽر وچ ايشيا جي غيرآباد جابلو علائقي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو هو جنهن کي اڄڪلهه ”تبت“ چيو وڃي ٿو جتي انهن هڪ لائبرري ۽ اسڪول جو بنياد به رکيو جنهن کي ” دي گريٽ برادرهوڊ“ جو نالو ڏنو ويو هو. ماهرن موجب اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا موجود آهن جيڪي ” لي مورين بادشاهت“ جي نشانين مان آهن.انهن ۾ جزائر، فجي، هوائي، ايسٽر آئيلينڊ ۽ لاس اينجلس جا ڪجهه علائقا به شامل آهن.