• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن انسان (کدڙو) کي بي گناهه مارڻ غلط آهي پر انهيءَ ۾ اسلام جو ڪهڙو ڏوهه؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ سنڌي قومپرست سيد منير حيدر شاهه ۽ ڪجھه ٻين، ڪي پي ڪي ۾ هڪ بي گناهه انسان (کدڙو) کي بي درديءَ سان مارڻ تي فيس بوڪ تي اسلام تي تنقيد ڪئي آهي ـ اهو ڪجھه ماڻهن جو انفرادي فعل ٿي سگھي ٿو، اسلام کي هروڀرو گھٽ وڌ ڳالهائي عام ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ مان فائدو؟
مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ 45000 کدڙا آهن جيڪي سڀ جيئرا آهن ـ جيڪڏهن مذهب يعني اسلام جي نالي ۾ انهن کي مارين ها ته هڪ نه پر وڏي انگ ۾ کدڙا مري سگھيا ٿي ـ
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هندوستان ۾ ڪنهن کدڙي کي هندو ائين بي گناهه مارين ها ته ڇا اهي، هندو مذهب کي ڏوهاري قرار ڏين ها؟ ڀلجي به ائين ڪونه ڪن ها ـ ڪجھه ته الله جو خوف ڪريو ـ
 
Back
Top