• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪردار جي خوشبو

farhan amin laghari

سينيئر رڪن
باغ جي ويجهو گذرندڙ همرا کي ڪُنڊ ۾ پيل مٽي مان خوشبو ايندي محسوس ٿي، همرا تسلي خاطر مٽي کي هٿ ۾ کيو، نڪ سان لڳايس خوشبو واقع اِنهي مٽي مان اچي رهي هُئي.
همرا حيران ٿي ويو، مٽي کان سوال ڪيو
”تون تہ عام مٽي جهڙي مٽي آهن پوءِ تو ۾ اڄ هي خوشبو ڇاجي آهي؟
مٽي جواب ڏنو
”آئون واقع عام مٽي جهڙي مٽي آهيان پر ڪجهہ وقت جي لاءِ هڪ گلاب جو گُل مُنهنجي اندر پوکيل هُيو، هُن گلاب سان ڪجهہ ڏينهن جي تعلق، واسطي ۽ سنگت جي ڪري اڄ مُنهنجي اندر بہ خوشبو اچي وئي آهي“

همرا حيران ٿي سوچڻ لڳو اسان جيڪڏهن اهڙا نٿا ٿي سگهون جو اسان جي اخلاق ۽ قردار جي خوشبو سان ٻيا متاثر ٿين، تہ اسان کي اهڙو ضرور ٿيڻ گهرجي جو ٻي ڪنهن متاثر ڪندڙ طبيعت رکندڙ انسان جي سنگت ۾ رهي ڪري ان جي بهترين قردار جي ڪجهہ جهلڪ اسان ۾ بہ نظر اچي.
.
.
فرحان امين لغاري
 
واقعو ڪجهه هيئن آهي :
شيخ سعدي رحه جي گلستان بوستان ۾ لکيل آهي ته :
شيخ صاحب کي وهنجڻ لا ميٽ ڏنو ويو، شيخ جڏهن ميٽ کنيو ته اُن ۾ خوشبو هُئي، شيخ صاحب مِٽي کي چيو ته توم ۾ ايتري خوشبُو ڪيئن ؟؟ ته مِٽي وراڻيو

جمالِ هَمنشِين دَر مَن اثر ڪَرده،
وگرنه مَن همه خاڪم ڪه هستم..

منهنجي يارَ جي جمال مونتي اثر ڪيو آ، نه ته آئون ساڳي مِٽِي آهيان.

:: پر توهان جي لکڻ جو انداز به وڻيو..
 
Back
Top