سنڌ سلامت فورم، سنڌين لا سجاڳي جو پيغام

'تعارف' فورم ۾ احمدبلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2010۔

  1. احمدبلوچ

    احمدبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2010
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجي لا انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌي دوستن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي قوم کي باخبر ڪرڻ ۽ هنن ۾ پنهنجي ڄاڻ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لا هن قسم جي هڪ اڻ ٿڪ محنت ڪري پاڻ موکيو آهي۔ مان سنڌ سلامت فورم جي دوستن کي دل جي گهرايئن سان مبارڪ ڏيان ٿو جن جي هي محنت سنڌين لا سجاڳي جو پيغام آهي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت فورم، سنڌين لا سجاڳي جو پيغام

    سهڻا ۽ مٺڙا احمد بلوچ صاحب
    حق موجود؛
    سهڻا دوست، سڀ کان پهريائين ته اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ دوست اوطاق تي ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان ٿورن لفظن ۾ ئي سنڌ سلامت جي تمام ڳوڙهي تعريف ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔

    دوست! هن اوطاق جي سڀني دوستن جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، اسانجو نعرو آهي ته اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پڇار ۔۔۔ سنڌ جا سور، سنڌ جون ڳالهيون، سنڌ جا مسئلا ڏسجن، سنڌ جي ٻولي ۽ انجي واڌ ويجهه جو سامان پئدا ڪجي ۔۔۔

    اوهانجهڙا سهڻا دوست اڳ ئي هن اوطاق تي موجود آهن هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي سگهه ۽ ڏاهپ آهر پنهنجو حصو ڳنڍي رهيو آهي ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان به هن اوطاق تي پنهنجي دوستي جا قدم گهمائيندا رهندا ۽ ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ جي اصول تحت دوستن سان ساٿ نڀائيندا ۔۔۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت فورم، سنڌين لا سجاڳي جو پيغام

    پيارا احمد بلوچ شال سدائين جُڙيا هُجو! مٺا سائين سڀ کان پهرين پنهنجي دل جي گهرائين سان هن محبتي اڱڻ جو ڀيرو ڀرڻ تي توهان کي ڀلي ڪار ٿا چئون ، ادا اسان صرف ۽ صرف هڪڙي نقطي واري پريم واري انهي پيغام سان ته اسان کي صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻي آهي ۔ اسان ساري دنيا جي سنڌين کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان هڪ مالا وانگر محبت جي سڳي ۾ پوئڻ ٿا چاهيون، ان سلسلي ۾ توهان جهڙن پيارن سنڌي ڀائرن ۽ ڀيڻن کان اسان کي ڀرپور موٽ ملي پئي، يقين ڄاڻو دوست جڏهن توهان جهڙو ڪو پيارو سنڌي دوست اسان وٽ قرب جا قدم ڀري ايندو آهي اسان سنڌ سلامت جا سمورا دوست ان دوست جي آجيان هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي ڪندا آهيون ته ڀلي ڀلي ڪري آيو اسان جو سنڌي ڀا اڄ توهان جي اچڻ سان رات جو هي وچون پل اصل چنڊ جِي چاندني وانگر جرڪي پيو آهي۔ بس اسان توهان کي دل سان صرف اها وينتي ٿا ڪريون ته سهي معنا ۾ سنڌي سپوت ٿي سنڌ جو حلالي فرزند ٿي سنڌ ڌرتي جي خدمت پنهنجي لکڻين ذريعي، پنهنجي سوچ ۽ لوچ ذريعي، پنهنجي نت نڪور احساسن ذريعي سرانجام ڏجو ۽ سنڌ سلامت ساٿ سلامت جا نعرا هڻندو سنڌ جيجل جو مان مٿاهون ڪندو اڳتي وڌندو وڃجان منهنجا ڀا ۔ لک لائق۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت فورم، سنڌين لا سجاڳي جو پيغام

    دوست احمد سنڌ سلامت فورم تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔۔
    مٺا فورم جي پسنديدگي لاءِ‌مهرباني ۔۔۔ اسان جا ڪافي قابل دوست فورم تي پنهنجي مصروفيتن ڪري ڦيرو به ڀري نه سگهندا آهن ڪجهه وقت اچي همت وڌائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا آهن پر ٻانهن ٻيلي يا ساٿ ڏيڻ جيترو وقت ڪڍي نه سگهندا آهن ۔۔۔ پر توهان مان اسان کي ڪافي اميدون آهن۔۔ ان ڪري غير حاضر کان پاسو ڪندا۔۔۔
    توهان کي سنڌ سلامت بابت ڪنهن ٻڌايو ۽‌ سنڌ سلامت تي ڪهڙي ڳالهه جي کوٽ لڳي ضرور آگاهي ڏيندا۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت فورم، سنڌين لا سجاڳي جو پيغام

    ادا اسان توهان کي فورم تي ڀليڪار ٿاچئون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو