خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / آچر 29 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* فل فراءِ، هاف فراءِ سرڪار تي ڪارو داغ آهن: چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ (خبر)
* * سرڪار جي چهري تي اڳ سوين داغ لڳل آهن، هڪ وڌيڪ سهي (تبصرو)

* ٿر ۾ جيڪي ڪم 100 ورهين ۾ نه ٿيا سي اسان 7 ورهين ۾ ڪيا: قائم علي شاهه (خبر)
* * هزارين ٿري ٻار اوهان جي دور ۾ مئا جيترا 100 سالن ۾ به نه مُئا هوندا (تبصرو)

*مزار قاعد لان فحاشي اڏي ۾ تبديل، چرس ۽ هيروئن جوکليوکلايو ڪاروبار: سينيٽ ڪاميٽي (خبر)
* * بانيءَ جي مزار يا فحاشيءَ جو اڏو؟ افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو (تبصرو)

* پارليامينٽ لائونجز ۾ ڪُوئن جو راڄ (خبر)
* * اسان سمجھيو ته لائونجز۾ اسيمبلي ميمبرن جو راڄ هوندو پر افسوس....!! (تبصرو)

* لنڊن ۾ نواز شريف جي اوپن هارٽ سرجريءَ جو فيصلو (خبر)
* * ”پنجاب جي وزيراعظم“ کي هارٽ يعني دل به آهي ڇا؟ (تبصرو)

* ڪراچيءَ کي ڪرپشن ۽ ٽينشن فري سٽي ٺاهينداسون: سراج الحق (خبر)
* * شايد خواب ۾......!! (تبصرو)

* واپڊا سنڌ سان بي واجبيون بند ڪري: اياز لطيف پليجو(خبر)
* * دنيا سُڌري نه سڌري پر سنڌ ـ دشمن واپڊا هرگز نه سڌرندي (تبصرو)

* ننگر پارڪر ويجھو وڌيڪ3 مور مري ويا (خبر)
* * ڀلي ٿر جا سارا مور ۽ ٻار ڇو نه مرن، قائم علي شاهه کي نڪي لهر نڪي لوڏو (تبصرو)
 
* واپڊا سنڌ سان بي واجبيون بند ڪري: اياز لطيف پليجو(خبر)
* * دنيا سُڌري نه سڌري پر سنڌ ـ دشمن واپڊا هرگز نه سڌرندي (تبصرو)

اسان جي علائقي ۾ 6 ڳوٺن جي بجلي گذريل 12 ڏينهن کان ڪٽيل آ. صرف ڳوٺ جي وچ ۾ وڏيري جي گھر ۾ بجلي آهي باقي سڀني ٿنڀن تان تارون ئي لاهي ويا. لعنة الله علي الوابدين.. :p:p:D:D:D:D:D:D
 
اسان جي علائقي ۾ 6 ڳوٺن جي بجلي گذريل 12 ڏينهن کان ڪٽيل آ. صرف ڳوٺ جي وچ ۾ وڏيري جي گھر ۾ بجلي آهي باقي سڀني ٿنڀن تان تارون ئي لاهي ويا. لعنة الله علي الوابدين.. :p:p:D:D:D:D:D:D
بدنام واپڊا جو وس پڄي ته سنڌين جو رتُ به چوسي وٺي ـ
 
Back
Top