هڪ همراھ جي زال ڪجھ ڏينهن لاءِ پنهنجي مائٽن ڏانهن وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجي مڙس کي سختي سان چيس تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي رهجان، ٻاهر هيڏانهن هوڏانهن نہ نڪرجان ۽ ڪنهن ٻي عورت جي پٺيان نہ لڳجان. اهي هدايتون ڪري سندس زال مائٽن ڏانهن هلي وئي. ٻي ڏينهان کيس فون ڪري پڇيائين تہ ڪٿي آهين، مڙس فورن جواب ڏنو بيگم گهر ۾ ئي آهيان. زال ثبوت خاطر چيس ”اڇا ڀلا، جوسر هلائي ان جو آواز تہ ٻڌائي.“ مڙس فورن جوسر مشين کڻي هلائڻ لڳو. زال کي پڪ ٿي تہ مڙس گهر ويٺو آهي، هن مطمئن ٿيندي ڪال ڪٽي ڇڏي. ائين روز ٿيڻ لڳو زال ڪال ڪري جوسر هلائڻ جو چوندي هئي ۽ مڙس فورن جوسر هلائي ان جو آواز ٻڌائيندو هو. هڪڙي ڏينهن هو مڙس کي بنا ٻڌائي گهر آئي تہ ڏٺائين سندس گهر جي دروازي کي وڏو تالو لڳو پيو آهي، هن پريشان ٿيندي سامهون گلي ۾ موجود دڪان تي ويٺل همراه کان پڇا ڪيس تہ هي ڪيڏانهن ويو آهي، ان تي دڪاندار جواب ڏنو ”ميڊم خبر ناهي، هي صاحب روزانو صبح جو جوسر مشين کڻي گهران نڪري ويندو آهي ۽ رات جو دير سان گهر واپس ورندو آهي.“