ماضيء جو آئينو ؛ ”عظيم طوفان.“ شفيق شاڪر جديد محقق ۽ سائنسدان خاص طور تي مغربي مفڪر گھڻو عرصو ان ڳالهه جا منڪر رهيا ته دنيا ۾ ڪو نوح عليه السلام جو طوفان به آيو هو پر 19 ۽ 20 صديء ۾ ٿيل تحقيقات جي نتيجي ۾ اهي ان نتيجي تي پهتا آهن ته هزارين سال پهرين دنيا ۾ اهڙو خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن روء زمين جي هر شيء غرق ڪري ڇڏي هئي.19 صديء ۾ ”ڪوه جودي“ دريافت ٿيو ۽ بعد ۾ حضرت نوح جي ٻيڙيء جا نشان مليا.12 سيپٽيمبر 2001ع تي قديم آثارن جي ماهرن بحيره اسود ۾ سمنڊ جي سطح کان 300 فٽ هيٺ انساني هٿن جي ٺهيل هڪ ڍانچي جا ڪجھ حصا هٿ ڪيا جنهن مان هنن جي ان يقين کي مضبوطي ملي ته گھٽ ۾ گھٽ 7،500 سال قبل مسيح، هڪ خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن جي تباه ڪارين جو اندازو لڳائي نٿو سگھجي.ان مهم جي اڳواڻ ”رابرٽ ڊي بليئر“ مطابق اسان تصور به نٿا ڪري سگھون ته ايتري پراڻي ڍانچي جا تختا اڃا تائين ايئن چمڪي رهيا هوندا! ماهرين بحيره اسود ۾ گھڻي عرصي کان دلچسپي رکندا هئا ان ڪري جو ان جي پاڻيء ۾ 500 فوٽن جي اونهائيء کان پوء آڪسيجن موجود ناهي.2000ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي زميني ماهرن لاء ان سمنڊ جي کوجنا جو سبب ،وليم ريان ۽ والٽر پٽ جو ڪتاب ” نوح جو طوفان“ هو. قرآن ڪريم ۽ تاريخ اسلام ان واقعي کي ”طوفان نوح “ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.جيڪو اللھ جي برگزيده پيغمبر حضرت نوح عليه السلام جي قوم تي نافرمانيء جي ڪري عذاب جي صورت ۾ مسلط ڪيو ويو.دلچسپ ڳالهه اها ته بائيبل ۽ تورات به ان طوفان جي گواهي ڏين ٿا. حضرت نوح عليه السلام جو ملڪ قديم عراق هو،حضرت آدم عليه السلام کان پوء سندس اولاد ۾ بت پرستي شروع ٿي چڪي هئي۽ روايت آهي ته پهريون بت حضرت شيش عليه السلام جو جوڙيو ويو هو.پهرين ان قوم ۾ ادريس عليه السلام ۽ بعد ۾ حضرت نوح عليه السلام کي موڪليو ويو. جنهن قوم ۾ پاڻ پيدا ٿيا ان جا ماڻهو تمام وڏيون عمرون رکندڙ،طاقتور ۽ پهلوان هئا پر اهي خدا جا باغي،سرڪش ۽ نافرمان هئا.حضرت نوح عليه السلام ان قوم کي سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي بدنصيب هدايت قبول ڪرڻ بدران الٽو نوح عليه السلام تي چٿرون ڪرڻ لڳا.روايتن مطابق نوح عليه السلام ساڍا نو سو سال انهن سان محنت ڪئي پر اهي نه سمجھيا بلڪه چوڻ لڳا ته جيڪر تون خدا جو سچو رسول آهين ته پوء اسان تي عذاب ڇو نٿو آڻين؟جڏهن اهي هر حد پار ڪري چڪا ۽ نصيحتن جو اثر نه نڪتو ته هڪ ڏينهن حضرت نوح عليه السلام بارگاه ايزديء ۾دعا ڪئي ته اي منهن جارب! انهن ظالمن مان ڪوبه تنهن جي زمين تي زنده نه ڇڏ. پيغمبر جي دعا رد نه ٿيندي آهي سو مالڪ پاران اطلاع ڪيو ويو ته جلد ئي انهن تي هڪ زبردست طوفان اچڻ وارو آهي.۽ حڪم ڏنو ويو ته تون پنهن جي پوئلڳن جي لاء ٻيڙي تيار ڪرڻ شروع ڪر ۽ جڏهن پاڻي چڙهڻ لڳي ته پنهن جي اهل عيال ۽ پوئلڳن کي ان ٻيڙيء ۾ ويهاري ڇڏجان.زمين جي جانورن ۽ پکين جي هڪ هڪ جوڙي به پاڻ سان کڻ ۽ اللھ جي حمد ۽ ثنا ڪندي ان ٻيڙيء ۾ سوار ٿيو ۽ جڏهن طوفان بيهي رهي ته هن جي تسبيح ۽ تحميد پڙهندي ٻيڙيء مان لهجو. خدا جي حڪم مطابق جڏهن نوح عليه السلام ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪئي ته سندس قوم سندس مذاق اڏائڻ شروع ڪري ڏنو.چوڻ لڳا ته ان کان وڌيڪ بيوقوفي ٻي ڪهڙي هوندي جو خشڪيء تي ٻيڙي ٺاهي پيئي وڃي! پوء هڪ ڏينهن اهو به آيو جنهن جو وعدو ڪيو ويو هو.طوفان جي شروعات ٿي ويئي. سڀ کان پهرين هڪ تندور مان جنهن جي اڳواٽ نشاني ٻڌائي ويئي هئي تنهن مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو.پوء زمين جا نارا کلڻ شروع ٿي ويا ۽ مٿان آسمان مان برسات شروع ٿي ويئي. توريت مطابق پورا 40 ڏينهن ۽ راتيون مسلسل برسات وسندي رهي،زمين مان به پاڻي ڦوهارا ڏيئي نڪرندو رهيو۽ اهو سلسلو پورا پنج مهينا جاري رهيو ايستائين جو پاڻي چڙهندي چڙهندي بلند ترين جبلن کان به پندرهن هٿ بلند ٿي ويو. مغربي محققن جي خيال ۾ ان طوفان کان رڳو زمين ئي متاثر نه ٿي پر ڪن موجب مريخ ۽ مشتريء جي وچ ۾ موجود هڪ سياري جي تباهي به ان طوفان جو نتيجو هئي.ان جڳهه تي هاڻي ننڍن ننڍن سيارچن جي هڪ پٽي موجود آهي.پنهن جي تحقيقي مقالن ۾ اهي تصديق ڪن ٿا ته طوفان يا سيلاب دوران دنيا جي بلند ترين جبلن جون چوٽيون به ٻڏي وييون هيون ۽ ٻيڙي انهن جي مٿان ترندي رهي. هتي هندستان جي هڪ پراڻي شهر ” ايوڌيا“ جو ذڪر به دلچسپيء جو سبب آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو 9،000 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ آباد ٿيو پر ايوڌيا جي پوري تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن طوفان جو ذڪر نٿو ملي.اهڙيء طرح ٻين به ڪيترن ئي پراڻين تهذيبن ۾ ان طوفان جو حوالو موجود ناهي جنهن مان ظاهر آهي ته اهو طوفان انهن شهرن جي آباد ٿيڻ کان ايترو ته آڳاٽو هو جو ان جي تباهين جو ڪنهن کي ڪو اندازو ئي نه ٿي سگھيو آهي.بهرحال طوفان نوح جو قصو قراڻ مجيد ۽ تاريخ اسلام ۾ تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي ،هتي اسان صرف ان طرف اشارو ڪيو آهي.