خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / سومر 30 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
*لاڙڪاڻي بار طرفان چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي روايتي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ نه ڏنا ويا (خبر)
* * ڀلا جيڪڏهن پيش به ڪن ها ته آئين جي ڪا ڀڃڪڙي ٿوروئي ٿئي ها (تبصرو)

*جمهوريت لاءِ پ پ پ قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي جان به حاضر آهي: وڏو وزير(خبر)
* * اوهان جي جان به حاضر آهي پر ڇا جي لاءِ؟.....ڪرپشن وڌائڻ لاءِ؟ (تبصرو)

* نواز شريف کانپوءِ، صدر ممنون کي به دل جي تڪليف، پنڊي اسپتال مان چيڪ اپ (خبر)
* * لڳي ٿو وزيرعظم توڙي صدر کي مسڪينن جون بددعائون لڳيون آهن (تبصرو)

*شهباز شريف ۽ چوڌري نثارجي جنرل شريف سان اهم ملاقات (خبر)
* * شايد ٻيئي پنهنجون پنهنجون نوڪريون پڪيون ڪرڻ چاهيندا هوندا (تبصرو)

*وفاق سنڌ ۾ بجليءَ جي جُڙتو گھوٽاليَ ذريعي نفرتون پيدا پيو ڪري: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * ۽ مولوُ ڄٽ وري اٺ ئي پهر چمچاگيري ڪري، پنهنجي نوڪري پڪي پيو ڪري (تبصرو)

* احمد آباد ۾ 83 ورهين جو مٺا لال سنڌي 550 لاوارث لاش مفت دفن ڪرائي چڪو (خبر)
* * سنڌ ـ ڄائي مٺا لال سنڌيءَ کي، الله تعالى خير جي ڪم جو اجورو ڏيندو، انشاءَالله (تبصرو)

*پي ايس 22 جو انتخابي اشتهار، شهيد ڀٽي ۽ زرداريءَ جا گڏ فوٽو(خبر)
* * شهيد ڀٽو: غريبن جو يار ۽ آصف زرداري وري غريبن لاءِ آزار(تبصرو)

* شهدادپور ۾ بي روزگار نوجوان پاڻ کي ريل هيٺان ڏئي انت آندو(خبر)
* * وڏي وزير جي دعوى هئي ته 7 اين ايف سي ايوارڊ سبب سنڌ ۾ ماکيءَ جون ننديون وهنديون (تبصرو)
 
Back
Top