نظرين جي بنياد تي فيصلا ڪڏهن ٿيندا ؟ شفيق شاڪر هينري ٿامسن بڪل جنهن ” انگلستان۾ تهذيب جي تاريخ” نالي زبردست تحقيقي ڪتاب لکيو تنهن جو قول آهي ته ” پوري دنيا جي مردن توڙي عورتن کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.پهريان اهي جيڪي سڀني کان هيٺاهين درجي جا جيڪي هميشه شخصيات ۽ ذاتيات تي ئي سوچيندا ۽ گفتگو ڪندا آهن.ٻيو درجو جيڪو انهيء کان ڪجھه مٿاهون آهي اهي شين ۽ عملن جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن جڏهن ته سڀ کان اعليٰ ۽ مٿاهون طبقو انهن ماڻهن جو آهي جيڪي نظرين ۽ سوچن جي باري ۾ گفتگو ڪندا آهن.“ هاڻي جيڪر مٿئين قول جي روشنيء ۾ اسان جي ملڪ جي موجوده سياسي توڙي سماجي حالتن جو تجزيو ڪجي ته اسان مان اٽڪل هر ماڻهو ان پهرئين درجي جو ئي رڪن بڻيل نظر اچي ٿو.نظريا،سوچون،قدر،اصولن۽آدرشن جو ذڪر ته خير سان هميشه لاء ختم ٿي چڪو آهي پر هاڻي ته شين،معاملن ،عملن ۽ حقيقتن تي به گفتگو نٿي ٿئي،صرف شخصيتن ۽ ذاتيات جي باري ۾ ئي نغما ٻڌڻ لاء ملن ٿا،ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ پورو معاشرو سرسنگيت تي ڳائڻ ، نچڻ ،ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ داد ڏيڻ وارن يا هوٽنگ ڪندڙ تماشبينن سان سٿجي ويو آهي.سياست جي ميدان کان ويندي ميڊيا جي مرڪزن تائين،اهم قومي ادارن ۾ ويٺل وڏن وڏن عهديدارن کان عام سياسي ڪارڪنن تائين هڪ واضح اڪثريت شخصيتن جي سج جي سلامي نظر ا چي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو معاملن،حقيقتن،سوچن،نظرين ۽ اصولن تي گفتگو ٿيڻ بدران صرف شخصيتن جي تعريف يا تنقيد ۾ زبانون سڪايون وڃن ٿيون،اسان جي ملڪ ۾ سالن کان ڏسندا ٿا اچون ته جڏهن به ڪو اوچتو حادثو،معاملو يا بحران اڀرندو آهي ته پوري قوم وڏي جڃ وٺي ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي ان معاملي جي پويان لڳي پوندي آهي، ”وٺوس،پڪڙيوس.لٽڪايوس،ٽنگيوس،جيل ۾ وجھوس،” جون صدائون هر طرف کان ٻڌڻ لاء ملنديون پر اڃا گھڻو عرصو نه گذرندو آهي ته انهيء ساڳيء قوم کي اهي سڀ ڳالهيون حيرتناڪ حد تائين وسري وينديون آهن ۽ ايندڙ اليڪشن کان پوء وري به جڏهن حڪمرانن واري عجائب گھر تي نظر ڊوڙائبي آهي ته اهي ئي مهربان مسڪرائيندي ۽ هٿ لوڏيندي نظر ايندا آهن جن ۾ ڪجھه عرصو پهرين عوام سڄي دنيا جاعيب پسي رهيو هو. هن وقت اهو ئي حال پوري ملڪ جو پناما پيپرز واري معاملي بنائي رکيو آهي ،حڪمران هجن يا عوام،ميڊيا هجي يا سياستدان ،هن وقت سڀ پنهن جي وس آهر ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جون تمام وڏيون ”پرخلوص“ ڪوششون ڪندي نظر اچن ٿا . اصل ۾ اسان جي پاڪستاني معاشري جي هڪ عجيب ۽ غير فطري اجتماعي نفسياتي خوبي اها به آهي جو اسان سڀني کي سٺائي، بهتري، اصلاح،سڌارو يا تبديلي هڪ ئي جمپ ۾ سو سيڪڙو گھربل هوندو آهي، يعني يا ته ٻڙي يا وري پوري سوسيڪڙو هجي ،انهيء جي وچ ۾ موجودهڪ کان نوانوي جو اسڪيل اسان لاء بي معني آهي.سو اهڙو سماج جيڪو صدين تائين غيرملڪي طاقتن جي ڪالوني رهيو هجي ۽ جتي ڪالونيين کي هلائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاء هڪ زبردست عياراڻو سيٽ اپ نافذ ۽ موثر نموني ڪم ڪندو رهيو هجي ۽ جتي انهن غيرملڪي آقائن جا وفادار غلام اڄ به اسان تي حڪومت ڪندا هجن،اتي اوچتو ڪنهن صبح جو ننڊ مان جاڳي آزادين،انقلاب،تبديلي، اصلاح، سڌاري ۽ احتساب جا هڪ ئي وقت ڍير سارا نعرا هڻي وري سالن تائين غفلت جي ننڊ سمهي پوڻ واري کل جوڳن روين سان ٿي سگھي ٿو ڪا معجزاتي تبديلي ء جي باک ڦٽي پوي پر فطرت جي اڻ ٽر اصولن مطابق ايئن ٿيندو ناهي.ملڪ ٺهڻ کان هيستائين اسان اهڙا ئي انوکا خواب ڏسندا ۽ نه نظر ايندڙ سهي جي پويان صرف ٻوڙا ڪٽيندا رهيا آهيون.اهي جن جي محلن جون بتيون عوام جي نپوڙيل خون واري تيل سان جرڪنديون رهيون هجن ۽ جن اڄ تائين عوام کي انسان وارو درجو ڏيڻ جي تڪليف به گوارا نه ڪئي هجي انهن جي پيٽ ۾ عوامي درد جو وڪڙ آخر ڇو اچي؟اهي ڪنهن جي مطالبن ۽ مشورن تي پنهن جي ڏاڍ جو جوڙيل نظام پاڻ پنهن جي هٿن سان زمين بوس ڪرڻ جي بيوقوفي ڇو ڪندا؟اهي تمام ڏکي،عيار،لالچي،چالاڪ ۽ چاپلوس قسم جي مخلوق آهن.هيستائين هنن جو ڪوئي ڪجهه به بگاڙي نه سگھيو آهي.ڳالهه جو تت اهو ته اسان بار بار پنهن جن سمورين بدقسمتين جو دارون شخصيتن ۽ چهرن جي تبديليء ۾ ڳولهيندا رهيا آهيون ۽ اڄ به ساڳي حماقت ۾ ڦاٿل آهيون. ”هي هجي ۽ هو نه هجي،هي وڃي ۽ هو اچي،هڪڙي جو پٽڪو لاهي ٻئي کي پٽڪو ٻڌايو“ انهيء سان جيڪر ڪا تبديلي اچي ها ته ستر سالن جو عرصو قومن جي تعمير يا تخريب لاء ڪو گھٽ عرصو نه هوندو آهي.هڪ عجيب مسخري جيڪا بحيثيت هڪ قوم اسان سدائين ڪندا اچون سا اها ته اسان پاڻ جن کي ڳائي وڄائي حڪومت جي سيج تي ويهاريون ٿا، ڪجهه ئي عرصي کان پوء ٻين يعني فوج.،عدليا۽ميڊيا وغيره کان فرمائش ڪرڻ لڳون ٿا ته اهي انهن کي ڪو زورائتو ڌڪو ڏيئي هيٺ ڇو نٿا لاهين پوء جڏهن انهن کي ٻيا ڌڪو نٿا ڏين يا نٿا ڏيئي سگھن ته اسان کي پنهن جون سڀ حماقتون به وسري وڃن ٿيون ۽ پنهن جي پاران پنهن جي مٿان نافذ ڪيل انهن حڪمرانن جا ڪرتوت به نظرانداز ٿي وڃن ٿا ۽ تنقيد ۽ تبصرن جو رخ آسانيء سان ٻين ادارن طرف ٿيو وڃي. جن کي توهان انهن ڪرسين تي ويهاريو آهي انهن کي ٻيا جن جو اهو ڪم ئي ناهي سي ڇو ڇڪي هيٺ لاهين؟انهن کي جيڪي ڪرسين تي ويهارين ٿا ۽ پوءجيڪر اهي انهن جا دشمن ٿين ٿا جيڪي واقعي ٿين ٿا ته پوء انهن کي گھر جو رستو ڏيکارڻ به عوام جي ئي ذميداري آهي پر اهو عمل تڏهن گھربل نتيجا ڏيئي سگھندو جڏهن شخصيتن جي پوڄا واري پاليسيء مان نڪري نظرين ،سوچن، اصولن ۽ قدرن جي محبت ۾ ووٽ وڌو ويندو پر جيڪر اها منزل اڃا ڏکي آهي ته به شخصيتن جي بدران گھٽ ۾ گھٽ شين،معاملن،عملن ۽ حقيقتن جي آڌار تي ته فيصلا ڪري سگھجن ٿا! شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ