ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون ....

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون
    ___________________________
    هي ساوڻ جي سڪ ۾ ڌرتي جون داهون ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون
    اچن ياد مونکي سڪ جون سنڀارون اڃا ڀي اسان کي ڏيو ٿا ميارون ......

    سڄو پيار پورب سنڀالي رکيوسون هڪڙو هو جيون اوهان لئه رکيوسون
    پڪارون اتارون سسڪين ۾ سڏڪا اوهان لئه اڄ ڀي وجهون پيا ٿا ڦارون
    ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون ...........

    ڪيل قول پاڙڻ جي حرکر اندر ۾ ائين گاج جيئن کنوڻ کيڄ ٿيندي
    سڄو ٿر تتل واري وڻڪار ناهي سڄي سنڌ پاڻيءِ لئه هت پڪارون
    ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون .........

    منهنجا مالوند مارون به مرڪن ٿي ساوڪ هي ڌرتي اهي مال چارن
    وسي وڏڦرُ و سنگهارن جي سڪ ۾ ڏسي جن جي مک کي پون هانو ڏارون
    ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون .........

    او مند موٽي آئي ڀرجي آءُ بادل مٺا مينهن وس تو ڌرتي ٿي ٿاڌل
    ٿئي گپ گارو ترڪڻ ۾ مرڪڻ سکي جي سڪ جون ٻڌي وڃ تون سارون
    ڪڪر کي سڏيندي اڀ ڏي نهارون .......


    لبستم دائودپوٽه
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 مئي 2016

هن صفحي کي مشهور ڪريو