• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين ۾ سجاڳيءَ جو مثال / محمد خان سيال / 31 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
تازوصبح جو سوير ڏٺم ته هڪ شخص پاڻيءَ جي فلٽر پلانٽ جي ڪُنڊ وارو نلڪو کولي، ان جي هيٺان وهنجي رهيو هو جنهن تي مون کي اچرج ۽ افسوس ٿيو، سو همراهه کان انهيءَ جو سبب پچيم ته وراڻيائين: وٽس پاڻي ڪونه ٿو اچي، سو وهنجي پيو ـ مون کيس ٻڌايو ته فلٽر جو قيمتي پاڻي سوسائٽيءَ جي رهاڪن (سڀ سنڌي) لاءِ رڳو پيئڻ لاءِ هوندو آهي ۽ وهنجڻ لاءِ نه ـ جيڪڏهن ماڻهن وهنجڻ شروع ڪيو ته ڪنهن کي به پيئڻ لاءِ ذرو به پاڻي ڪونه ملندو پر همراهه پنهنجي ڪيئي تي شرمندو ٿيڻ بدران بار بار پاڻي نه هئڻ سبب، وهنجڻ کي درست قرار ڏيندو رهيوـ
انهيءَ کان علاوهه، مون ڏٺو آهي ته ڪيترا ماڻهو فلٽر جي پاڻيءَ سان هٿ منهن ۽ پير به ڌوئندا رهندا آهن ۽ ڪي وري فلٽر جا نلڪا اڌورا بند ڪري هليا ويندا آهن ـ هڪ دوست ٻڌايو ته ٻه ـ چار ورهيه اڳ، هن ڏٺو ته سوسائٽيءَ جو هڪ رهاڪو فلٽر جي پاڻيءَ سان موٽر ڪار ڌوئي رهيو هو ـ
اها صورتحال ڏسي مون سوسائٽيءَ طرفان هڪ نوٽيس ڪمپوز ڪري، ٻارن جي پهچ کان مٿي فلٽر تي، لڳرائي ڇڏيو ـ هڪ ٻه ڏينهن ته نوٽيس لڳل رهيو پر پوءِ ڏٺم ته ڪنهن نوٽيس لاهي ڇڏيو آهي ۽ نشانن مان معلوم ٿيو ته وڏي محنت سان لاٿو اٿس جيڪو ٻارڙن جي پهچ کان مٿي چنبڙيل هو ـ
............................
 
Back
Top