ايوب کوسو خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    ايوب کوسو

    خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر،
    ڇڏ اداسي حوصلي سان پيار ڪر.

    سنڌ چاهي ٿي گلابي عاشقي،
    تون بلاول روپلي سان پيار ڪر.

    چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري،
    هاڻِ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر.

    ڇڏ شرابن جي خمارن جي ثنا،
    سانورائي جي نشي سان پيار ڪر.

    ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين،
    گهاگري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر.

    تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ،
    تون وڃايل ماڻھپي سان پيار ڪر.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو