• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن ......

اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن .....
..................................

اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن تون اکين جو آن ٺار چمن
تنهنجي سونهن سڀيتا سڀ کان سٺي هي دنيا وار پيا ٿا چون

تنهنجي ٻولي پياري پياري آ تاريخ ۾ جيءَ جياري آ
تون موهن کان به اڳ آهين ڏسي توکي منهنجا نيڻ ٺرن
اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن ......

تو ۾ ڪيچ خرار هي ان ٿيو ڏسي ساوڪ سرهو من ٿيو
تون ديس ڀلو تنهنجو ويس ڀلو تنهنجا مارو مير مٺا مرڪن
اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن .....

اتر ڪاڇو قرب ڀريو تنهنجو لاڙ وچولو واه وڻيو
تنهنجو ٿر وسي تنهنجو بر وسي تنهنجا مارو مٺڙا سک هجن
اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن ......

تون منهنجي من جي مرڪ آهين تون منهنجي سڪ جي سرڪ آهين
تون دلبر منهنجو ديس آهين شل تو ۾ سڀ سڀ سک اچن
اي سنڌ وطن اي سنڌ وطن .....


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top