مختصر ڪهاڻي زاهد ميراڻي اهلِ ايِمَانُ جيتامڙو، ڀڄندو آيو، چيائين، ” بابا... بابا.... ٽي ويءَ تي ني سائين دگران شاه آيو آهي، توهان جا نالا ٿو کڻي، چئي پيو، ” گگدام سنڌ جي نالي تي اهل ايمان ۾ ڌار پيو وجهي“، مون جيتامڙي کي هٿ کان ورتو ۽ تڪڙو ڪمري ۾ آيس، ڇا ڏسان ته، سائين دگران شام ”سنڌ بچايو مهم“ تحت پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي، ساڻس حريفتي مَڪَڙُ، مَڪَارُ مَاهي ۽ خَرِڪَارُ خان به ويٺل آهن، سائين دگران شاه چيو، ” اسان سنڌ بچائڻ جي لاءِ اهلِ ايِمَان کي گڏ ڪيو آهي، هاڻي مَلَحدُ ۽ ڪَافرُ گگدام ڪجهه به ڪري نه سگهندو ۽ نه ئي سندس پارٽي ” سنڌي قومي سڀا“ ڪجهه ڪري سگهندي“ چينل چونڪه چناڪه جي عيوضي مقامي بهائي سائين دگران شاه کان سوال ڪيو، ” يه گگدام کونه سي کيت ڪي مولي هي جو اهل ايمان ڪي سامني کهڙا هي“ سائين دگران شاه بادشاه، ” کيس جواب ڏيندي چيو، ” اڙي بابا.... يه گگدام ڪسي کيت ويت ڪي مولي نهين هي، بابا آدمي هي اور ابهي تو يه کهڙا بهي نهين هي بيٺا هي، ابهي هم کهڙي هم اور ميري ساتهه کڙي هين يه حريفتي مَڪَڙُ، مَڪَارُ مَاهي ۽ خَرِڪَارُ خان بهي هماري ساتهه گڏ هين، هم سڀ بهائي بهائي هين“ سائين دگران شاه جذباتي ٿيندي چيو، ” بابا آپ گهبرائو نهين ني ڙي جب ته سيد ڪي ذات سنڌ ۾ هي آپ ڪا ڪوئي کچهه بهي بگاڙ نهين سڪتا، آخر هم سيد هين اور اهل ايمان ڪي محافظ هين“ روزاني واه واه سرڪار جي عيوضي، کائنس سوال ڪيو، ” سائين دگران شاه بادشاه توهان جي چوڻ جو مقصد آهي ته گگدام، دلي جان ۽ شير سميت سندس پارٽيءَ جا هزاري، لکين سنڌي اهل ايمان ناهن“ سائين دگران شاه جواب ڏنو، ” ڏسو بابا جيڪو اهل ايمان کي پنهنجو ڀاءَ نه ٿو سمجهي اهو اهل ايمان ناهي، ۽ ان حساب سان گگدام اهم ايمان ناهي“ روزاني گوڙ شور جي عيوضي نعرءِ حق سائين کان سوال ڪيو، ” سائين گگدام ته اهل ايمان آهي، هن ڪيئي دفعا اهل ايمان کي پنهنجو ڀاءَ چيو آهي، پر هن جو چوڻ آهي ته اهل ايمان، الله، رسول ۽ ملڪ جي نالي تي سنڌين تي ڪندڙ ظلم بند ڪن، جيڪو اهل ايمان ڪري رهيا آهن، گگدام جو چوڻ آهي اهل ايمان، بي ايمان آهن جو هو سنڌين سان انصاف نه ٿا ڪن ۽ انهن کي حق نه ٿا ڏين، جڏهن سنڌي حق گهرن ٿا ته هو اهل ايمان هجڻ جو ڊرامو ڪن ٿا، گگدام جي اهڙي بيان تي اوهان ڪهڙو جواب ڏيندا“ سائين دگران شاه جواب ڏيندي چيو، ” اها گگدام جي سياسي چال آهي، هو سياسي طور تي تمام گهڻو چالاڪ آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي، مان جلد ئي گگدام کي مناظري جو چيلنج ڏيندس“ روزاني قومي آواز جي عيوضي گل ڪلمتي، ” سائين دگران شاه کان سوال ڪيو، ” سائين دگران شاه بادشاه حريفتي مَڪَڙُ، مَڪَارُ مَاهي ۽ خَرِڪَارُ خان اهل ايمان آهن، پر قرآن جي ڪنهن به آيت، حديث جي ڪنهن به ڪتاب ، اسلام جي ڪنهن به فرمان ۽ ملڪ جي ڪنهن به بنيادي ۽ اولين دستاويز ۾ ته اهڙي ڪابه ڳالهه لکيل نه آهي جنهن کي سنڌين مڃيو هجي ته، ” ملڪ جي قيام بعد جڳ جهان جا لوٺيا لوٺيا ماڻهو اهل ايمان جو بهانو ڪري، سنڌين جي سرزمين ۾ داخل ٿيندا، انهن جي شهرن، ملڪيتن، زمينن ۽ گذر سفر جي وسيلن تي قبضه ڪندا، ته پوءِ اوهان ڪيئن ٿا انهن جي وڪالت ڪريو، ”اوهان پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو سيد سڏائي ڇو ٿا سنڌين جي غلاميءَ جو سبب بڻجو؟“، روزاني قومي آواز جي عيوضي گل ڪلمتي جي اهڙي سوال حريفتي مَڪَڙُ پان جي پيڪ اُڇِلي، مَڪَارُ مَاهي حقي جو سوٽو هنيو ۽ خَرِڪَارُ خان نسوار جي دٻليءَ جي شيشي ۾ شڪل جي کٻي ڳل جو تر ڏٺو ۽ نسوار جو وزم تارو ڪيو، ٽنهي گڏجي سائين دگران شاه ڏي ڏٺو، ڄڻ چوندا هجنس، ” تو ته چيو هو ته پري ڪانفرنس ۾ اسان جي ڳالهه مڃائيندي، هتي ته ڳالهه ئي اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي“ سائين دگران شاه، اهڙي سوال جو جواب ڏيندي چيو، ” مون اسلام ناهي پڙهيو، مون ڇڙو ڪلمو پڙهيو آهي“. * زاهد ميراڻي