هڪ هي به عرض گذارش آهي ته ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هڪ هي به عرض گذارش آهي ته
    .....................................
    شاه لطيف جي شاعري ۾ استعمال ڪيل لهجو ۽ لفظ ڏکيا يا مشڪل نه آهن پر اسان وقت گذرڻ سان پنهنجي مٺي ٻولي جنهن ۾ هڪ لفظ جون ڪئي معنائون آهن تن کي استعمال ڪرڻ لکڻ پڙهڻ ڪتابن منجها خارج ڪرڻ شاعري،نثر لک پڙه ۾ نه استعمال ڪرڻ ئي سبب آهي ان جي جاءِ تي ٻيا اڻ وڻدڙ ۽ غير معياري لهجا ۽ لفظ استعمال ڪرڻ جي ڀرمار ڪئي آهي ...
    ٻولين کي درسي ڪتاب ۽ نصاب ،دانشورن اديبن جي سوچن ۾ سلهاڙي زنده رکي سگهجي ٿو هي به هڪ انهن ٻين ذريعن سان گڏ ضروري آهي جنهن ۾ ٻولين جو وقت جي سڀاءَ کي سمجهي اهو رستو ۽ راه وٺي هلڻ ....جيئن پهرين پنو نه هيو چمڙي تي لکيو وپيندو هو وري ڪاغذ جڙيو ته ان ۾ لکڻ لاءِ قلم مس ڪپڙي جو استعمال ٿيو ۽ وري ٽائيپ رائٽر جو دور آيو ته ان ۾ به لکڻ جي سمق ڪئي وئي وري انٽرنيٽ جو دور آ ته ڪمپيٽر تي لکڻ جي ضرورت پئي تنهن ۾ به ٻين ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن جهڙو باوقار ٿي وقت کي سڃاڻيندي سهمت ٿي هلڻ جي ڪوشش ۽ ان جي معار مطابق پنهنجي ٻولي جا اهڃاڻ ،عنوان پرڪار اصلوب نه مٽائيندي مستقل مزاجي سان منزلن جي پڄڻ جي گهرج ۽ ضرورت جي ڪوشش ۽ قبوليت ڪرائي پاڻ مڃائڻ به ضروري هيو ...
    شڪر الحمد لله سنڌي ٻولي سرڪاري طور بلڪل بي ڌياني جي باوجود به پنهنجي مدد پاڻ ۽ همدردن حلالي پٽن جي ڪوششن سان اڄ ڪمپيوٽر ۾ آساني سان لکجي رهي آ ۽ پنهنجيص مڃتا مڃرائي ويٺي آ جنهن ۾ سڀ دوست ڄاڻن ٿا انهن مهان ماڻهن جون ذاتي ڪوششون ۽ همدرديون ،جاکوڙ جذبي سان سرشار محنتون ...شل اباد هجن اهي جيءَ جن منهنجي سنڌ ٻولي کي گار ٿيڻ نه ڏنو ان کي سهيڙي سولو ۽ وقت جي نزاڪت تحت پورو پورو داناءَ سوچ سان لکڻ جهڙو ڪيو جس هجي انهن جيئن کي جس هجي انهن مٽيءَ جي مانائتن مهان مهربان ڪردارن کي ...سلام ،سلام ،سلام اي ڌرتي جا دوله پٽو شل آباد هجو شاد هجو ...
    پر هڪ شڪايت جيڪا سنڌ جي سرڪاري بي ڌياني ٿي آهي سان ڪڏهن به وساري نه سگهبي ....اسان جي ٻولي کي اڃا ڪافي درڪار مسئلا آهن جنهن جي حل لاءِ جي هي ٽڪرو،مضمون ڪو سرڪار جي اک تي چڙهي ته ڪجه ڪرڻ ۾ آر محسوس نه ڪري ۽ پنهنجي ضميواري محسوس ڪندي موبائل ،ڪمپيوٽر جي هر هڪ ڪمپني سان له وچڙ ۾ اچي ته هو پنهنجي پراڊڪٽس ۾ بلٽ ان ٻولي ڪري هلائين ۽ دوست وڌ کان وڌ گوگل ٽراسليشن تي جملا لکي ٻولي ۾ وسعت پيدا ڪن ...مهرباني

    فقط

    لبستم سنڌي

    سنڌي ٻولي جو عاشق
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو