• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز شريف جي ڪامياب اوپن هارٽ سرجريءَ تي کيس مبارڪون

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
وزيراعظم نواز شريف جي، برطانيا جي ٽن چوٽيءَ جي ڊاڪٽرن، هارليَ اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ اوپن هارٽ سرجري ڪئي جيڪا ڪامياب ثابت ٿي ـ
اسان نواز شريف جي ڪامياب آپريشن ٿيڻ تي، سندس ڪُٽنب جي ڀاتين کي دلي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ اميد ڏيکاريون ٿا ته نواز شريف جڏهن به تندرست ٿي پاڪستان ايندو ته منجھس بنيادي تبديلي ضرور ايندي ـ
نواز شريف جو وزيراعظم طور هاڻوڪو ٽيون دور آهي ـ اميد اٿئون ته نواز شريف سرجريءَ کانپوءِ اهڙي دل کڻي پاڪستان ايندو جيڪا رڳو پنجاب لاءِ ڌڙڪڻ بدران، پاڪستان جي چئني صوبن لاءِ ڌڙڪندي ۽ انهيءَ ۾ سنڌ لاءِ سندس پراڻي نفرت، اوپن هارٽ سرجري ٿيڻ سبب نڪري وئي هوندي ـ
 
Back
Top