• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان جون سڀ رڳو چالون...

توهان جون سڀ رڳو چالون
...........................................
توهان جون سڀ رڳو چالون اسان وٽ سادگي سچ جي
اسان جو روح رولاڪن رنڀي ٿو رهڙ ۾ رٽجي
اها رغبت ملائي ديد ڪاپو قرب ڇو ٿا ڪيو
اسان وٽ ملنساري آ ڀلي ڪين ڳاه ڪيو ڳتجي
وري وارا عمر سارا ٿين ڪي ميل محبت جا
اسان آتا اڃا آهيون نه من آهي ويو مٽجي
توهانجي لاءِ لڙڪن ۾ وهن ٿا نير هي انبير
توهان جي يادگيرين ۾ پيو آهي اندر ڦٽجي
اهاڳڻتي اڃا ڳاري من محبت ۾ ٿو ساري
هاڻي دردن سان دلڙي جو پڪو ناتو ٿيو ڳنڍجي

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top