هي جي فقير منش ماڻهو! شفيق الرحمان شاڪر بيمار وقت جاحڪمران به ٿين ٿا ۽ ٻيا ماڻهو پڻ پر هو جڏهن سخت بيماريء سبب پنهن جي ملڪ جي ئي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ته ملڪ ۾، خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڄڻ ته قيامت اچي ويئي هئي.هر طرف کان تشويش ۽ ڳڻتيء جو اظهار،گهر گھر مان دعائن ۽ نيڪ تمنائن جا تحفا،ايئن ٿي محسوس ٿيو ته هر پاڪستانيء جي گھر جو ڪو ماڻهو بيمار ٿي پيو هجي.اها ڪهاڻي ڪنهن اهڙي شخص جي ناهي جيڪو دنيا جوڪو وڏو مالدار،ڪارخانيدار،سياستدان يا ليڊر هجي يا سندس پويان شان شوڪت،رعب ۽ دٻدٻي،هشمت ۽ دهشت جا ڪي قافلا ڊوڙندا هجن،جيڏانهن ويندو هجي اتي سندس انتظار ۽ شان ۾ ڪي روڊ رستا بند ڪندا ويندا هجن.هي ته هڪ سادو سودو ۽ سچو پاڪستاني آهي،هڪ سوٽي قميص ۽ عام پاجامو پاتل،مٿي تي هڪ عجيب انداز جي سادي ٽوپي پهريل، ڊزائينر سوٽ،نه اڳيان پويان گاڏيون،نه ڊفينس ۽ نه باٿ آئيلينڊ ۾ ڪو محل،نه پرسنل اسٽاف،نه غيرملڪي دورا،نه ڊنر نه پارٽيون،نه پريس ڪانفرنس نه ايوارڊ نه روارڊ،منهن تي وڏي ڏاڙهي مبارڪ ۽ سندس چهري تي ڪامل اطمينان ۽ سڪون هوندي به ڏکويل انسانيت جي درد ۽ ڪرب جا نشان! اهو ماڻهو جيڪو ڪجھ نه هوندي به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.هي ماڻهو مذهب.اين جي اوز۽ خدمت خلق جا مڪاريء سان نالا استعمال ڪري پنهن جا ذاتي فائدا،عزت،شهرت ۽ ليڊري هٿ ڪرڻ جي منافقاڻي ڌنڌي کان صاف آهي.هي تعصب جي هر گندگيء کان به پاڻ کي پاڪ رکندو ٿو اچي.هي ته فقط هڪ فقير منش سادو اللھ جو بندو آهي جيڪو جيڪر روئي ٿو،کلي ٿو،جلي ٿو،سڙي ٿو ،پچي ٿو ۽ پڄري ٿو ته صرف ٻين بيوس ۽ ڏکي انسان جي لاء.خدا جو شڪر آهي ته سندس طبيعت ڪجهه سڌري ويئي آهي ۽ خدا ڪري سلامت رهي! گھڻا ضرور سمجھي ويا هوندا ته ڪنهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي؟ جي ها،عبدالستار ايڌيء جو،آخر اها روايت ئي ڇو آهي جو اسان مرڻ کان پوء ماڻهن کي درويشن،فقيرن ،قطبن ۽ ولين جو درجو ڏيون ٿا، جيستائين اهي زنده آهن تيستائين تعريف ۽ همت افزائيء جا ٻه لفظ اسان وٽ انهن لاء ڇو ناهن هوندا؟ شهيد حڪيم سعيد جو مثال ڏسو.نه ڪوڙو ٺٺ ٺانگر،نه مصنوعي شان ۽ شوڪت، هڪ دفعي آمريڪا ويو ته سندس جوتو پيرن کي تڪليف ڏيئي رهيو هو.اسٽور تي ويو ۽ نئون خريد ڪرڻ چاهيائين پر جڏهن کيس قيمت سو ڊالر ٻڌائي ويئي ته چوڻ لڳو ته اهي سو ڊالر ”همدرد “جي اڪائونٽ ۾ چندو ڇونه ڏيئي ڇڏيان!جوتي ۾ ٿوري ڪپهه رکي ڇڏيائين ته جيئن کيس تڪليف نه ڏئي.ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو ماني،هر سومر تي روزو رکڻ. گھري ها ته ڪراچيء کان پئرس ۽ دوبئيء کان لنڊن تائين محلن.هوٽلن۽ڪارخانن جون قطارون لڳي وڃن ها پر اهي ماڻهو ڪنهن ٻي مٽيء جي خمير مان ٺهيل هوندا آهن. اهي اصولن جي لاشن جا بلند مينار ٺاهي عظيم ناهن بڻبا .ٺاهيائين ته ڇا ؟ همدرد جو ادارو،همدرد يونيورسٽي ۽ مدينت الحڪمت ٺاهيائين.جوڙيائين ته ڏکويل انسانيت لاء ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڪتب ۽ شفاخانا جوڙيائين.پوء جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو ته ڪهڙي اک هئي جيڪا آلي نه ٿي هجي.ڪهڙا چپ هئا جن تي سنگدل قاتلن جي خلاف بددعا لاء لفظ نه نڪتا هجن. انهن شخصيتن جي ڀيٽ ۾ جنرل پرويز مشرف کي ڏسو.مسلمان دنيا جي سڀ کان وڏي فوج جو سربراه رهيو،اٽڪل پوري هڪ ڏهاڪي تائين ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻيو رهيو.اهڙو حڪمران جنهن کي سياستدان ڏه ڀيرا چونڊائڻ جا قسم کائيندا هئا.ڪجھ صاحب ته سندس نالي اڳيان ”سيد“ لڳائڻ سواء سندس نالو وٺڻ جي گستاخي به نه ڪندا هئا، ٿي سگھي ٿو ته اهي نالو وٺڻ کان پهرين وضو به ڪندا هجن.پر هو جڏهن ڪجھ عرصو پهرين پرديس ويو ته ڪيترا هن لاء پريشان ٿيا،ڪيترين اکين هن لاء رنو ۽ ڪيترين زبانن تي هن لاء دعائون بلند ٿيون؟ 22 ڪروڙ ماڻهن جي دلين کي جيڪر چيري ڏٺو وڃي ته جيڪا محبت عبدالستار ايڌي ۽ حڪيم سعيد جهڙن فقيرن جي حصي ۾ آئي ان لاء ته اهڙا حڪمران عمر تائين سڪندا ئي رهندا! هوڏانهن شان شوڪت،رعب ، دٻدٻو۽ هشمت ته ڏسو جو هتان هڪ محل مان نڪتو ته اڳيان ٻيو محل منتظر هو،هتان گاڏين جي لشڪر ۾ روانو ٿيو ته اتي اڳيئي گاڏين جو ٻيو لشڪر موجود هو،تصوير ۾ ڪو غلام سگريٽ دکائي سندس چپن ۾ ڦاسائي رهيو آهي.اڪثر ”ڪناليء“ جا سوٽ پائيندو آهي جن جي قيمت ئي هڪ لک روپين کان شروع ٿئي ٿي.هڪ ڀيري ميڊيا ۾ خبر آئي هئي ته پشاور مان ٻارهن تيرهن جوڙا خاص پشاوري چپلن جا ڪراچيء جي محل ۾ گھرايائين.اسلام آباد ۾ فارم هائوس اهڙو جو ڊيود ۽ اوباما خواب ۾ به نه سوچي سگھن.سمورا حڪومتي ادارا ۽ سمورا سرڪاري شعبا سندس حفاظت لاء چيلهه ٻڌي بيٺل.پر سوين حسرتون انهن جي ڦٽل ڀاڳ تي جو اهي سڀ شيون ملي ڪري به انهن کي هڪڙي شيء نٿيون ڏياري سگھن سا آهي ” عزت“ ! پرويز مشرف ۽ ان جهڙا ٻيا بدنصيب حڪمران جيڪر عوام سامهون بلنديء جي ڪنهن مائونٽ ايوريسٽ چوٽيء تي پهچي وڃن ياستن سمنڊن جون گھرايون ماپي وٺن ته به اهي عبدالستار ايڌي،حڪيم سعيد ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن گمنام فقيرمنش درويشن جي حصي ۾ آيل عزت،محبت،وقار۽ احترام جي موتين مان ماسو به حاصل ڪري نه سگھندا .اهو وقت جو فيصلو آهي ۽ اهو ئي تاريخ جو فيصلو آهي. شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ