• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيد مرتضي ا ڏاڏاهي جي شاعري

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
شاعر: سيد مرتضي ا ڏاڏاهي،

سياه زلف سهڻا، سنوارين ٿو مارين،
کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين،

ڀري جام جاني حنائي هٿن سان،
شراب محبت لڳائي لبن سان،
پيارا اسان کي پيارين ٿو مارين،

سلامي ڀري سڄڻ سال ٿي ويا،
ڀلائي ڪريو ڪا، برا حال ٿي ويا،
دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين،

ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
پري پهر پاسي گذارين ٿو مارين،

هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
ٻيائي نه ٿيندي ٻَڌي ٻول ڪهڙا،
وري'' مرتضي ا '' وسارين ٿو مارين

چونڊ: عبدالله جروار
 
Back
Top