محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اڄ 03 جون جي اخبارون ۾ اهو پڙهي سخت صدمو رسيو ته دبئيءَ ۾ آصف علي زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي جنهن ۾ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، بلديات جو وزير ڄام خان شورو، خزاني وارو وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي بي تاج راڻي فريال ٽالپر وغيره شريڪ ٿيا تنهن ۾ وزير ڄام خان شوري جي شڪايت تي، هڪ ايماندار سنڌي آفيسر يعني ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه کي اختلافن سبب عهدي تان لاٿو ويو ۽اهڙو آرڊر آڌي رات جو جاري ٿيو ـ
لڳي ٿو ته زرداريءَ جي راڄ ۾، سنڌي آفيسرن جو ايماندار هئڻ به جُرم ٿي ويو آهي ـ
يڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾...!!
لڳي ٿو ته زرداريءَ جي راڄ ۾، سنڌي آفيسرن جو ايماندار هئڻ به جُرم ٿي ويو آهي ـ
يڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾...!!