• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي شاعري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ayazjani
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ayazjani

سينيئر رڪن
من اسان جو شيشو آهي
شيشي وانگر روز ٽٽون ٿا
خواب ٽٽن ٿا دل وانگي
دل ٽٽي ٿي شيشي وانگي
او ! سپني جهڙي سهڻي ڇوڪر
توکي ڪهڙي خبر پئي ٿي،
تون ته آهين ڪنهن پٿر وانگر
جوڀن تنهنجو چار ڏينهن جو
تنهن کي ڇو ٿي روز لٽائين
ان کي ڇو ٿي روز ڦٽائين
درد ڏئين ٿي،دليون لٽين ٿي
ساڙين سپنا سارا ٿي
محبت کان تون عاري آهين
صحرا جي ڪا واري آهين
سمنڊ جيان آ دوکو تنهنجو
تون آن لهندڙ شام جيان
ٻڏندڙ ڪنهن نانءُ جيان
پيار ڪرين ها خبر پوئي ها
درد جدائي ڇا ٿيندي آهي؟
زهر حياتي ڪئين ٿيندي آهي؟
سال ٿيا آهن دور ٿئي
محبتن ۾ چور ٿئي
ڪا شام لڙي ٿي
ذهن ٿڙي ٿو
تن تڙپي ٿو
من کي ائين تنهائي کائي
جيئن اڏوهي ڪاٺ کي ڳڙڪائي
سور سهون ٿا،سور پيئون ٿا
هوش وڃن ٿا دور هليا
اکين اڳيان تون اچين ٿي
هر رات ٽلين ٿي بوتل جئين
جام پيئي جو خمار چڙهن ٿا
ياد اسان کي پور پون ٿا
رات ٿئي تي خواب اچن ٿا
هوش اچي ٿو خواب ٽٽن ٿا
ياد اهي ڏينهن اچن ٿا
من ۾ ڪا مونجهه ٿئي ٿي
پٿر تان ڄڻ پير ٿڙي ٿو
ذهن تي ساڳيو سوال اچي ٿو
محبت ناهي ته ڇا ٿي پيو؟
تو وٽ ته جام پيسو آهي
پر من اسان جو شيشو آهي
شيشي وانگر روز ٽٽون ٿا
شيشي وانگر روز ٽٽون ٿا......
 
جواب: منهنجي شاعري

واه واه، ڇا ته جذبا آهن، ڇا ته خيال آهن ۽ مٿان وري لفظن جو ڄار به ڳوڙهو ڳتل آهي، جو پڙهندڙ ڦاسي پوي ۔۔۔ عشق مجاز ۾ بي وفائيون ئي ته آهن جي اهڙن خيالن، جذبن ۽ لفظن کي جنم ڏئي، نظم ڪنٿيون۔

يار اياز جاني! اهڙا ونڊ ڪري ڇو ٿو لهندڙ سج کي وري اڀارين ۔۔۔ ۽ توکي خبر آهي ته لهندڙ عمر ۾ ماڻهون وري نوجوان ٿي پوي ته قهرام ٿي پوندو آهي ۔۔۔
 
جواب: منهنجي شاعري

واهه واهه ادا جيڪا تاريف ڪجي سا گهث آهي،،
 
جواب: منهنجي شاعري

اياز جاني !۔۔۔ تمام بهترين شاعري آهي۔۔۔
 
Back
Top