ھڪ نظم !
( ھيءَ نظم گھڻو اڳ لکيل آھي ۽ اڻڇپيل آھي. سنڌ جي مجوعي صورتحال سُڌرڻ بدران ويتر اُڌري آھي. سنڌي ٻوليءٓ جو status ڇاھي؟ ادارن جي حالت ڇاھي؟؟ ان ڏس ۾ جن ڌرين جي ذميواري آھي، سي ڄُنڊاپٓٽٓ ۾ رُڌل آھن ! ڳڻتيءٓ جوڳي ڳالھہ اھا آھي تہ ان جو ڪنھن کي احساس بہ ناھي ! )
ڳالھائڻ وارن ڇا ڳالھايو ؟
ڇا ڳالھايو کي بہ ڇڏيو
پر ڇو ڳالھايو !
پاڻ سٓوال پُڇڻ وارا
ڪجھہ بہ ڪُڇڻ وارو
ڊينڊن جي قٓدٓ ڪٓڇڻ وارا
ڪير آھيون ؟!
ھي بورڊ ڦِٽائڻ وارا
دانگيءٓ جھڙين راتين کي آڻڻ لئہ
روشن ڏينھن کُٽائڻ وارا
ڇيڻ تي سيڻ مٓٽائڻ وارا
ٽڪي جھڙي عزت خاطر
ھي لکٓ لُٽائڻ وارا
جيڪي بہ وڻينِ تہ ڪن
جيڪي بہ وڻينِ چون
پنھنجو ڇاھي ؟
ڪجھہ بہ نہ آھي!
اسٽيج اُنھن جا
مائيڪ انھن جا!
پنھنجو ڇاھي؟
ڪجھہ بہ نہ آھي !
پنھنجا تہ رڳو ھٿ آھن
سو بہ رڳو تاڙين لئہ!
۽
مان سوچيان ٿو :
' تاڙيون تاڙ ٓ
ڪڏھن
ٿي
سگھنديون !'
- اِمداد حسيني.