رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
صورت صنم سدائين اکڙين ۾ نور وانگر
::::::::::::::::::::::::::::::::::::
صورت صنم سدائين اکڙين ۾ نور وانگر
ڏسندو رهان هميشه پهرين جي گهور وانگر
اکين ۾ عڪس هن جو مٽجي نه ٿو مٽايان
هر هر سمائي سڪ ۾ پيارل هو پور وانگر
محفل ۾ رونڪون ٿين مهتاب جيئن اچي جي
ٻهڪي پوان اندر مان ديدار دور وانگر
هر هر ڏسان جو هن کي بيتاب دل سدائين
معشُوق منهنجو مٺڙو اهڙو ڪو سور وانگر
ڀائين نه ڀائين مونکي حرکر رهي ٿي هن جي
اهڙو جو جوڙي جڪڙيو آسن ۾ اور وانگر
لبستم دائودپوٽه
::::::::::::::::::::::::::::::::::::
صورت صنم سدائين اکڙين ۾ نور وانگر
ڏسندو رهان هميشه پهرين جي گهور وانگر
اکين ۾ عڪس هن جو مٽجي نه ٿو مٽايان
هر هر سمائي سڪ ۾ پيارل هو پور وانگر
محفل ۾ رونڪون ٿين مهتاب جيئن اچي جي
ٻهڪي پوان اندر مان ديدار دور وانگر
هر هر ڏسان جو هن کي بيتاب دل سدائين
معشُوق منهنجو مٺڙو اهڙو ڪو سور وانگر
ڀائين نه ڀائين مونکي حرکر رهي ٿي هن جي
اهڙو جو جوڙي جڪڙيو آسن ۾ اور وانگر
لبستم دائودپوٽه