• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تڪراري ڪالاباغ ڊيم، بدنام واپڊا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندڙ سنڌي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
انهيءَ ۾ تِر جيترو به شڪ ناهي ته بدنام واپڊا جو ادارو ٽن صوبن يعني سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۽ خاص ڪري سنڌ جو جاني دشمن رهيو آهي ـ بدنام واپڊا جو ادارو، پاڻي جي بنياد تي سنڌين سان ورهين کان اڪيچار زيادتيون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به انهيءَ جو چيئرمن ظفر محمود، تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائي رهيو آهي ۽ جنگ اخبار ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي فائدي ۾ مضمون لکي رهيو آهي ـ
اها به سچائي آهي ته چئن صوبن مان ٽن جون اسيمبليون اٽڪل 10 ٺهراءَ، تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي رٿيل اڏاوت جي خلاف منظور ڪري چڪيون آهن ـ سال “ 1991 ـ پاڻي ٺاهه” موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ لازمي پاڻي (10 ايم ايَ ايف) ڇڏڻو آهي پر ٺاهه تي صحيحن ٿيڻ کي به 26 ورهيه ٿي چڪا آهن جڏهن ته زورآور پنجاب توڙي بدنام واپڊا، ارسا سان ملي ڀڳت ڪري انهيءَ ٺاهه تي عمل ڪرڻ نه ٿا ڏين جنهن ڪري ساري سنڌ ڀوڳي رهي آهي ۽ سنڌ اندر دنيا جي ڇهين وڏي انڊس ڊيلٽا اڳ ئي تباهه ٿي چڪي آهي ـ
مختلف وفاقي حڪومتن ڪيترا ڀيرا بدنام واپڊا جي نجڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن مان گھٽ ۾ گهٽ هڪ فائدو اهو ٿيندو ته بدنام واپڊا جي سنڌ دشمنيءَ جو زور ٽٽي پوندو پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته جڏهن به اهڙي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پنجاب ۾ ته معمولي احتجاجي مظاهرا ٿيا آهن پر سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ بدنام واپڊا کي نجڪاريءَ کان بچائڻ لاءِ، زبردست مظاهرا ٿيا آهن ـ
جيئن ته اسلام آباد کي بهانو گھرجي سي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو بهانو بڻائي، سنڌ دشمن واپڊا جي نجڪاري روڪائي ڇڏين ٿا ۽ ائين ڪيترا ڀيرا ٿيو آهي ـ
هاڻ اهو فيصلو سنڌي پاڻ ڪن ته هو بدنام واپڊا جي نجڪاريءَ جي اجازت ڏئي انهيءَ اداري جي سنڌ دشمنيءَ جو زور ٽوڙي ڇڏيندا يا وري ان جي نجڪاريءَ جي مخالفت ڪري، واپڊا کي اڳ وانگيان ڊگھو رسو ڏيندا ته اها سنڌين جو لاڳيتو رت چوسيندي رهي ۽ سنڌين جي هاڻوڪي ۽ آئيندي نسلن کي به تباهيءَ ڏانهن ڌِڪيندي رهي؟
 
Back
Top