شاه عبدالطيف ڀٽآئي گهوٽ سان ٻيائي جو ٻک ________________________________ هڪ سوچ دل ۾ سرجي پئي ٿي سالن کان ته هي اسان جا اديب دوست شاعر جن کان جڏهن پڇبو شاه لطيف لاءِ ته تعريفن ۾ ۽ عقيدت ۾ آسمان کان به مٿي هوندا پر منهنجي هن خبيث خيال ۾ هي ڳاله نه ٿي ويهي ته هيڏي اڪير پيار محبت ڪندڙ شاه سان سنڌي شاعر نڀاه نه ڪري سگهيو آهي ان سان عقيدت جو .....ڇو ؟؟؟؟ هن جي شاعري ۾ جن سرن جن روپن جن ڪردارن کي ڳايو ورجايو تن ڪردارن کي سنڌي شاعر سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي نه سمايو نه ذڪر ڪيو جنهن ۾ عمر مارئي سهڻي ميهار سسئي پنهون ليليٰ چنسير مطلب ته30 سر تن کي وساري ڪو به هن ٽريڪ ته شاعري نه ڪري پيو ڇا اها شاه سان محبت آ يا نفرت آ يا ان جيڪي لافاني ڪردار کينا سي مناسب نه هيا يا ضرورت ۾ نه هيا ... شاه صاحب جي شاعري ذومعنيٰ سمجهي وڃي ٿي جنهن ۾ هن جي ظاهري يا باطني احساس هڪ آ ته ان سان گڏوگڏ جي تو بيت ڀائيان سي آيتون آهين وارو رجهان آ جنهن شاعري کي پڙهي رب جي ياد ضرور اچي ٿي ۽ انهن ڪردارن جي به منسلڪيت ۽ مڃتا ۽ سنڀار ڪندو رهجي ٿو جي شاه جي شاعري ۾ عمر مارئي جو قصو نه هجي ها ته شايد اڄ جي نسل کي عمر مارئي جي لازوال ڪردار جي خبر به نه هجي ها جيڪو سنڌ جي تاريخ پڻ آهي ۽ وطن جي حب جو اڻ وسرندڙ ڪردار آهي سومرن جي صاحبي جي ته ڪٿان نه ڪٿا خبر پوي ها پر هن بي مثال سنڌ وطن سان عقيدت پيار مارن جي سڪ محبت جيڪو سنڌ جو بنياد آ خبر نه پوي ها .....جي شاه ان ۽ ان جهڙن ٻين ڪردارن سرن کي پنهنجي شاعري جي سخن ۾ نه سانڍي ها ......دوست ڇا چوندا ٻيلي انصاف ڪري ٻڌايو ...... فقط لبستم دائودپوٽه