• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي تابش تکي .....

تنهنجي تابش تکي يار مونسان ٻکي
::::::::::::::::::::::::::::::::::::
تنهنجي تابش تکي يار مونسان ٻکي
جنگ جوڀن ڪري بره ۾ آ بکي
تنهنجا ماڻا مٺا ساه کي ٿا وڻن
تون سدان سيني سانڍيل آهين سکي
ڇاتي تنهنجي ڇلي هير چڻ ٿي گهلي
تون گلابي چپن منهنجي نيڻن رکي
ڀاڪرن ۾ ڀريان چاه ۾ جي چميان
ساه سک ٿي وڃي عشَ جي آ اکي
سهڻو سنسار ۾ تون ئي مون لئه يڪو
تنهنجو سوچي سڪايل دل پئي ڏکي
حور جهڙي آهين مون لئه سڀ ڪجه چوان
حجر ۾ پيو هڄان ساه ڪين سکي
تنهنجا ماڻا مٺا گهاو ڀي پيا وڻن
تون اڪيلي آ جنهن کي ٿو چوان مان پکي
حسن تنهنجو حملا ڪري ٿو اڃا ن
تنهن کان ڪيڏو ڀڄان چاهتن کي رکي
گهور ۾ سور ڏئي ٿي وڃي سڪ ۾
تو لئه روح آ رڙيو رمز راز رکي
چنڊ کان وڌ آهي چهرو تنهنجو کليل
بوسي ڪاڻ بره سڪ سرڪي يڪي


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top