ڪوئي انڪار ۾ رخ مٽيندو رهيو ...

ڪوئي انڪار ۾ رخ مٽيندو رهيو
:::::::::::::::::::::::::::::::::::
هو مسلسل محبت آڇيندو رهيو
ڪوئي انڪار ۾ رخ مٽيندو رهيو
خيالن ۾ پنهنجو ڪري هو وئي
شور ڪين ٿيو شوق وڌندو رهيو
بره ۾ سڪ وڏي ساه سوگهو ڪيو
ڪنهنکي ڪجه ڪين ٿيو ڪوئي مرندو رهيو
هوءَ گهرا وڏا گهاو ڏيندي رهي
ڄڻ هئي ڪا زهر ڍڪ پيندو رهيو
ڇا ڪيان ڪجه ٻڌاءِ روپ ڪهڙو ٿيان
هي حياتي اڪيلي ڏک ايندو رهيو
من مرڪي پيو ساه ۾ ساه پيو
هو جڏهن بره جو ٿاڪ ٿيندو رهيو
ڇو نه خوش مان ٿيان جهمريون جيءَ ٿين
محب مان ڏنو ساءُ ملندو رهيو



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top