پاڪستاني جمهوريت جو حسن.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    پاڪستاني جمهوريت جو حسن.

    شفيق الرحمان شاڪر

    جيڪر پوري دنيا جي جمهوريتن جي حسين ديوين وچ ۾ عالمي مقابلي جي ڪا نمائش ڪرائي وڃي ته خدا جي فضل سان سان پاڪستاني جمهوريت جي حسينا حسن جو عالمي ايوارڊ هڪ ئي ڌڪ سان کٽي، کيسي ۾ وجھي ڇڏيندي.” اهو ئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“ .پاڪستان ۾ جڏهن کان ان حسينا پنهن جو مسڪن جوڙيو آهي ته سورن جي ساڙيل ۽ صدمن جي ستايل عوام کي پنهن جا سڀ دک درد وسري ويا آهن.هر طرف انساني آزادين، بنيادي حقن،زندگيء جي بنيادي سهوليتن ، انصاف،قانون جي عملداري، ميرٽ،شفافيت ، سماجي برابري ۽ اقتصادي مساوات جا درياء ڇوليون هڻي رهيا آهن.شينهن ۽ ٻڪري هڪ تلاء تي پاڻي پيڻ ته ڇا،شينهن هاڻي مورڳو ٻڪريء کي ڏسيو گھٽي ئي ڇڏيو وڃي.جمهوريت ڀت جا ٿال ڀري عوام کي نه پهچائيندي آهي پر جمهوريت پنهن جي حسن جو اهڙو ڪرشمو ڏيکاريندي آهي جو ماڻهن جي بک جو احساس خودبخود ختم ٿي ويندو آهي.

    پاڪستان ۾ اهو جمهوريت جي حسن جو ئي ڪرشمو آهي جو نه عوام پنهن جي حڪمرانن کي تنگ ڪري ٿو ۽ نه ئي ويچارا حڪمران اجايو عوام کي بيزار ڪن ٿا. مثال؛ عوام کان ووٽ وٺڻ کان پوء سندن حڪمران وري وٽن صرف پنجن سالن ۾ هڪ ڀيرو مهمان بڻجن ٿا جيڪر اهي روز روز عوام جي درن تي بيٺا هجن ته پوء عوام لاء ته آزار ٿي ويندو.چانهه پاڻي،بسڪوٽ، بوتلون يا وري ڪن کي ته خير سان ڀت شريف جوبندوبست ڪرڻو پوندو.ان کان پوء اسٽيج ٺاهيو،پنڊال سينگاريو، جلسي لاء ماڻهو جمع ڪريو.ريليء لاء ساز سرندا،گاني باجي وارا،نعرا هڻندڙ ۽ تاڙيون وڄائيندڙ ڪٺا ڪريو. ميان! اهو سڀ ڪو سولو ڪم آهي؟ ان ڪري حڪمران پنهن جي عوام جو دلي احساس رکندي کين اها ئي نصيحت ڪندا رهندا آهن ته ابا! ان مائيء جمهوريت جو بس پري کان ئي ديدار ڪندا رهو،جمهوريت جون تسبيحون پڙهندا رهو ۽ انهيء جي وڏي عمر لاء دعائون گھرندا رهو،” اهو ئي جمهوريت جو حسن آهي!“ جيئن ته اسان جا ڏاها حڪمران جيڪي هروقت پنهن جي ملڪ،عوام ۽ جمهوريت جي سوچ ۾ روزانو وزن ۾ ٻه ٽي مڻ گھٽجن ٿا تن عوام کي پهرئين ڏينهن کان اها ڳجھي خبر ڏيئي ڇڏي آهي ته ملڪ هروقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي ان ڪري جمهوريت جي حسن کي به ڪا ڪاراٺ لڳڻ جو خطرو آهي. خبر اها به آهي ته ملڪ ۾ ڏوڪڙ آهي ڪونه، وسيع ترقومي مفاد ۾ قرض کڻي انهن مان پوين قرضن جو وياج ادا ڪرڻو پوي ٿو پر سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو ان جمهوريت جي سينگار تي ڪا سوديبازي ڪجي! سهڻن سان ليکا نه ڪبا آهن،ڇا به ٿئي ٺٺ ٺانگر ٿورو ئي ڇڏبو.قرضن جي ماء ڪانه مئي آهي، ڪهڙا سڀيئي قرض اسان کي واپس ڪرڻا آهن،ايندڙ نسل جي ورثي ۾ به ته ڪاشيء ڇڏڻي آهي جو سڀاڻي ايئن نه چون ته سڃا اسان لاء ڪجهه نه ڇڏي ويا! ” اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“ڪجھه ڪندذهن ۽ دقيانوسي سوچ رکندڙ هروڀرو ٻائيتالهه ٻاريو ويٺا آهن ته ميان! قومي خزاني جو سڀ پئسو هڙپ ڪري ويا.انهن کان پڇو ته جڏهن خزانو به اسان جو ۽ قوم به اسان جي ته پوء حساب ڪتاب ڪهڙو؟ ”اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“ مٿو اسان جو عوام لاءخالي ٿئي ۽ دليون اسان جون عوام جي درد ۾ جيڪر ڌڙڌر ڪرڻ لڳن ته پوء ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ علاج ڪرايون ته ان ۾ آخر خراب ڳالهه ڪهڙي آهي. ڇا اوهين اهو ٿا چاهيو ته اسين به ٻين وانگر پاڪستاني اسپتالن ۾ جلد شهيد ٿي وڃون ته پوء هيڏي سڄي عوام لاء آخر ڪنهن جون دليون ڌڙڪنديون،جيڪر عوام اسان جي ٻاهر علاج ڪرائڻ تي اعتراض ڪرڻ بدران ڏينهن رات اسان جي تندرستيء لاء دعائون گھري ٿو ، ڪارا ٻڪرا صدقا ڪري ٿو ۽ قرآن خوانيون ڪري ٿو ته ”اهو ئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“.ڪجھه سماج دشمن عنصرن کي جمهوريت جو اهو حسن نٿو وڻي ان ڪري وقت به وقت عوام کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا رهندا آهن پر اوهان ئي ٻڌايو ته عوام آيو آهي ڪڏهن سندن اهڙين ڳالهين ۾؟”اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“جمهوريت جو اهو حسن مفت ۾ ته حاصل نه ٿيو آهي،اسان ماڻهن ان کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ وڏي سيڙپ ڪئي آهي. هڪڙو بيوٽي پارلر ئي کل لاهيو ڇڏي.اسان ان ديويء جي اڳيان ٿيا آهيون ۽ پٺيان ٿيا آهيون.انهيء تي رنگ ۽ روغن ڪيا آهن.انهيء کي خوبصورت ۽ قيمتي سوٽ پارايا آهن،انهيء کي هروقت تمام مهانگو ڪالاڪولا ۽قيمتي قسم جو فيس واش لڳائڻو پوي ٿو،اهي سڀ خرچ ڪير ٿو ڀري؟ آهي ڪو اسان کان سواء ٻيو جو جمهوريت جا اهي انگل آرا کڻي سگھي.انهيء ڪري اسان ۽ جمهوريت هاڻي گڏ وچڙ ٿي،ملي مڪس ٿي،هڪ ٿي چڪا آهيون.جمهوريت معنيٰ اسين ۽ اسان معنيٰ جمهوريت. ”اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“پاناما جو پيء هجي يا ڪرپشن جو ڪاڪو، بدانتظاميء جو بابو هجي ِيا نااهليء جو نانو،اهي اسان کي جمهوريت جي حسن سان پيار ڪرڻ کان روڪي نه سگھندا.“اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي.“ ٻڌو ٿا ڪا اپوزيشن يا سپوزيشن؟ باقي هي ڪميٽيون ،هي اجلاس،هي بيان ۽ تقريرون،هي ڏک ۽ ڏوراپا،هي ميارون،هي شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن جو ”اهوئي ته جمهوريت جو حسن آهي!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو