• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد نظم دوستن اڳيان پيش. اصلاح خاطر تنقيد جي اوسيئڙي ۾: عبدالغني بجاراڻي.

آزاد نظم دوستن اڳيان پيش.
اصلاح خاطر تنقيد جي اوسيئڙي ۾.

زندگي هڪ رف ڪاپي

سمجه ۾ نه ايندڙ
زندگي جي ڄار ۾
خيالن جي انتشار ۾
آءُ ڇو ڦاٿل آھيان !

سا ڳاله اڄ سمجه ۾ آئي
ڪاليج جي دَور جي
رف ڪاپي هٿ آئي،
هزارين بيڪار لڪيرون
ڄڻ ته مقدر تي ڏنل هيون،

هر صفحي تي
اڻپوري ڳاله
اڌورا خيال
پوءِ ياد آيم

ته ڪنهن هڪ ڳاله
يا هڪ خيال جي
فيئر ڪاپي ٺاهي نه سگهيس
ايئن زندگيءَ جا لقاءَ
پيچيده ٿيندا رهيا
۽ الجهندا رهيا.
 
Back
Top